قاضي احمد ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن سان حادثو، 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

مانجهند/قاضي احمد (بابو عمراڻي/مومن جوڻو) آمري، قاضي احمد پل ڀرسان نواب شاهه کان سيوهڻ جي قلندر لعل شهباز جي ميلي تي ويندڙ زائرين سان ڀريل مسافر وين خوفناڪ حادثي جو شڪار  ٿي. وين جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ 10 ويلر ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 پنجاب واسي زائرين ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ عظيم شيخ، سراج شيخ، رفيق شيخ، بابر علي، لطيف علي ۽ دلدار جتوئي شامل آهن. زخمين کي قاضي احمد ۽ سيوهڻ جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هنگامي حالتون لاڳون ڪيون ويون. قاضي احمد پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.