خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا تشدد بعد فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطما ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ميڊم ثمينا منگي جي عدالت ۾ ٿي. عدالت۾ فريادين جو وڪيل جمشيد ڏهراج ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل علي مرتضي شاهه پيش ٿيا. جوابدارن کي جيل مان آندو ويو. ان موقعي تي عدالت سڳوري جوابدارن طرفان ڏنل ضمانت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ٺاهه جا جمع ڪرايل قسم ناما پڻ رد ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت 17 فيبروري تي چئني جوابدارن پير سيد اسد شاهه، پير سيد فياض شاهه، اسد شاہه جي گهرواري بيبي حنا شاہه ۽ امتياز ميراثي سميت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن ۽ فريادين کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ان موقعي تي رمارڪس ڏيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ٺاھ جوڳو ناهي تنهنڪري ضمانت جي درخواست رد ڪجي ٿي.