سنڌي هندو ٽارگيٽ آهن ته جيئن هو ڌرتي ڇڏين: رياض چانڊيو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو لاڙڪاڻي شهر جي ٽراما سينٽر پهچي ڦر دوران  مزاحمت تي زخمي ٿيل هندو نوجوان رونق آهوجا جي عيادت ڪري سندس وارثن ۽ ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض چانڊيو چيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪو غنڊه راڄ ٿيو آهي، سنڌ اندر ڌاڙيل انڊسٽريز کي سرڪاري سطح تي سپورٽ ڪري اسٽريٽ ڪرائيم، ڌاڙيل انڊسٽريز ۽ غنڊه راڄ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي،  جيئن سنڌ ۾ ڪرپشن راڄ ۽ منشيات راڄ اضافو آهي، تيئن سڄي سنڌ ۾ هڪ لاقانونيت ۽ غنڊه راڄ جو آهي جيڪو قابل مذمت آهي، هن چيو ته سنڌي هندو خاص ڪري ٽارگيٽ ڪيا وڃن ٿا ته جيئن هو ڌرتي ڇڏين جيڪي ڌرتيءَ جا وارث آهن، پرامن سنڌ جا شهري پنهنجي گهرن، دڪانن ۽ ڪاروبار ۾ به زندهه نه رهي سگهن ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تباهي آهي تنهن ڪري جيئي سنڌ محاذ طرفان 18 فيبروري تي لاقانونيت، بدامني ۽ لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف عام هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.