نوابشاهه/ سڪرنڊ (رپورٽ: ايم بي چانڊيو) 6 ڏينھن اڳ مبينا طور گيھه سان ڀريل مزدا ڦر واري ڪيس ۾ گرفتار مبينا جوابدار محمد نواز زرداري سڪرنڊ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو، سڪرنڊ پوليس فوتي جوابدار کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته محمد نواز زرداري جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ اميربخش زرداري دانھيندي چيو ته سڪرنڊ پوليس تشدد ڪري منهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، هوڏانهن فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سڪرنڊ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ايڪسري مشين خراب ۽ پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هئڻ بعد لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه نيو ويو، جتي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ ضلعي صدر سالم زرداري سميت زرداري برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا، ان موقعي تي جيل کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سڀ زرداري گڏ ٿيا آھيون، محمد نواز زرداري سان زيادتي ٿي آھي، ھو خانداني زميندار ۽ شريف ماڻھو آھي، مون نوجوان جو لاش ڏٺو آھي، ان تي سخت تشدد ٿيل آهي، مان صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي حقيقت کان آگاهه ڪندس، جنھن بعد جيڪو انھن فيصلو ڪيو ان تي عمل ڪيو ويندو، ھن چيو ته ھي پوليس گردي آھي، قانوني ڪاروائي ضرور ڪبي، نوجوان جو لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھه ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث کڻي ويا، ٻي پاسي نوجوان جا وارث ڊي ايس پي يار محمد ڦلپوٽو ۽ ايس ايڇ او سڪرنڊ مٺل ککراڻي ۽ ٻين جوابدارن تي ڪيس مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سڪرنڊ روانا ٿي ويا هئا.