اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن عهدي لاءِ سفارش نه ڪئي، جج ٿيڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن کان سفارش نه گهري، نوجوان وڪيلن کي محنت ڪرڻ گهرجي ۽ عدالت آڏو ڪيس تيار ڪرڻ گهرجي، وڪيلن پاران گاڏين جي نمبر پليٽن تي وڪيل لکڻ غير قانوني آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي مين گيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ وڪيلن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا، ان موقعي تي اسلام آباد بار ڪائونسل جي اڳواڻ راجا عليم عباسي چيو ته جسٽس سرفراز ڊوگر جي اسلام آباد منتقلي کي رد ڪريون ٿا،
جن 5 ججن خط لکيو اهي درست رستي تي بيٺا آهن.