ڀان سيدآباد (رپورٽ: خادم عرف آدم مينگل) درياءُ بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ 16 فيبروري تي سيوهڻ کان ميهڙ تائين سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ اعلانيل ريليءَ جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ درياءُ بچايو تحريڪ جي اڳواڻ روشن علي ٻرڙي ڀان سيدآباد ۾ ٻرڙا هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، هر ماڻهو 6 ڪئنالن جي خلاف ٻاهر نڪري، سنڌو درياءَ اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ايس يو پي چيئرمين سيد زين شاهه اتحادي ڌرين سان گڏجي 6 مهينن کان تحريڪ هلائي رهيو آهي پر وفاقي سرڪار بضد آهي ۽ ڪئنالن تي ڪم جاري آهي، هن وڌيڪ چيو ته پ پ سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي ڏانهن ڌڪڻ، تعليم، صحت، امن ۽ روزگار کسڻ کانپوءِ هاڻي جياپي جو ذريعو پاڻي به کسي رهي آهي، جنهن ڪري عوام کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس ۾ جسم اڳواڻ اياز سولنگي، علي اصغر سولنگي، درياءَ خان لغاري، علي اصغر شاهاڻي، حافظ بخشل سهڙوِ، سهيل ٻرڙو، علي رضا چنا ، محمد بخش پنهور ۽ ٻيا موجود هئا.