ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ مقرر وقت کان سواءِ شهر ۾ هيوي ٽريفڪ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، شهر ۾ هيوي ٽريفڪ رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين هلندي. ڪمشنر ڪراچي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ مقرر وقت کان ٻاهر هيلي ٽريفڪ جي آمد تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب هيوي ٽريفڪ جا ڪلاڪ رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين هوندا، ڏينهن دوران ٽن مختلف رستن تي هيوي ٽريفڪ کي هلڻ جي اجازت هوندي.ان کان اڳ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرز فيڊريشن صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ضياءَ لنجار، ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا سان ملاقات ڪري شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.اجلاس ۾ ايڪسائيز سيڪريٽري، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري، ڪمشنر، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا، جڏهن ته ڪراچي گڊز ڪيريئرز ايسوسيئيشن، ڊمپر ايسوسيئشن، سنڌ گڊز ٽرڪ ٽرالر رنرز ايسوسيئيشن، واٽر ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.ٽرانسپورٽرن شهر ۾ داخل ٿيڻ جي مخصوص ڪلاسن تي پابندي بابت آگاهي ڏني، جنهن دوران سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ شرڪت ڪندڙن کي حڪومت طرفان هڪ ڪلاڪ اضافي جي فيصلي کان آگاهه ڪيو.