ڪئنالن خلاف پير پٿون، حوصلا بلند، جسقم آريسر جو مارچ روان دوان، وک وک تي ورکا

ٽنڊو محمد خان/ ميرپوربٺورو (رپورٽ: اويس حيدر شورو / امتياز علي سومرو ) جسقم آريسر پاران سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن ، سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي کنڀي  کڻي گم ڪرڻ خلاف سکر کان ڪراچي ڏانهن پيادل قافلو ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم روڊ ڀرسان ڳوٺ ۾ رات ترسڻ کانپوءِ قافلو جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، وحيد سنڌي، امير باغي، ڪرن نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪندي بلڙي شاھ ڪريم شهر پهچي ويو، جتي قومپرست ڪارڪنن گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي، بلڙي شاھ ڪريم شهر جي شهيد بلو چوڪ تي سوين ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي اڳواڻن مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌو تي نوان 6 ڪئنال اڏجڻ هڪ صوبي جي غيرآباد چولستان جي وارياسي بنجر زمين کي آباد ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري سر سبز زمين کي بنجر بڻائي ريگستان ڪرڻ جي اهڙي سازش رٿي وئي آهي جنهن سان سنڌ جي زراعت صدين تائين تباھ برباد ٿي ويندي، سنڌ جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي تڙپي پنهنجون حياتيون وڃائڻ تي مجبور ٿي ويندو، جنهن سازش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، پنهنجي جياپي جي جنگ هاڻي روڊن رستن تي اچي وڙهڻ لاءِ تيار آهي، سنڌ دشمن قوتن کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جا ڄاوا قومي ڪارڪن کنڀي کڻي گم ڪري قتل ڪرڻ جا واقعا هاڻي برداشت نه ڪيا ويندا، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو وڃي پيو، سنڌ جي پيداواري وسيلن گئس تيل جي رائلٽي مان سنڌ کي پنهنجو حصو ڏيڻ بدران وفاق جي نالي ۾ هڪ صوبي کي ترقي ڏياري وڃي پئي، سکر کان نڪتل پيادل قافلو هاڻي پنهنجي منزل ڏانهن اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪراچي پهچڻ تي ڪا به رڪاوٽ قبول نه ڪئي ويندي ، ڪراچي پهچي سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف وري ڀرپور تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، بلڙي شاھ ڪريم ۾ رات ترسڻ کانپوءِ پيادل قافلي جا پانديئڙا وري اڄ سجاول ڏانهن پنهنجو پيادل سفر شروع ڪندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.