شهيد استاد هدايت لوهار جي پهرئين ورسي سڀاڻي سن ۾ ملهائي ويندي

شهدادپور (ن ع آ) شھيد استاد ھدايت لوھار جي نياڻي وائيس آف مِسنگ پَرسن جي اڳواڻ سورٺ لوھار ۽ امان سنڌو چانڊيو سَن ۾ رٿيل استاد ھدايت لوھار جي پهرين ورسي جي دعوت ڏيڻ لاءِ شھدادپور پريس ڪلب پهتيون. هنن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سَن ۾ 16 فيبروري تي استاد ھدايت لوھار جي پهرين ورسي ملهائي رهيا آهيون جتي جلسو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي لتاڙ ڪندي قومي ڪارڪنن تي ظلم ۽ جَبر جا پهاڙ ٽوڙيا پيا وڃن جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. سنڌ جي وسيلن کانپوءَ ڪئنال اڏي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌي قوم ڪنهن به صورت نه قبول نه ڪندي. سورٺ لوهار پيڪا ايڪٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته سرڪار پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪري هر هڪ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيي آهي، اهڙي دستور کي اسان نه ٿا مڃون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.