سپريم ڪورٽ بار جي آءِ ايم ايف سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ملاقات ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريلاءِ سازگار ماحول تي غور ڪيو ويو.   جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جي وفد سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، وفد ڪرپشن جي خاتمي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صدر سپريم ڪورٽ بار ماتحت عدليه ۾ التوا واري ڪيسن جي نشاندهي ڪئي، آءِ ايم ايف وفد کي ججن جي گهٽ تعداد، ٽياڪڙي نظام جي اهميت کان به آگاهه ڪيو. آءِ ايم ايف جي وفد سان قانوني سڌارن ۽ گڊ گورننس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، صدر سپريم ڪورٽ بار کي عدليه ۾ احتساب جي نظام بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر سپريم ڪورٽ بار نشاندهي ڪئي ته عدالتي نظام ۾ سزا ۽ جزا جو نظام اڳ ۾ ئي موجود آهي. صدر بار چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل اعليٰ عدليه جي ججن خلاف شڪايتن جو ازالو ڪندي آهي.صدر سپريم ڪورٽ بار وفد کي ٻڌايو ته لاڳاپيل هاءِ ڪورٽون ضلعي ججن جا ڪيس ٻڌن ٿيون. سپريم ڪورٽ بار جي صدر سپريم ڪورٽ جي جج کي ٻڌايو ته کيس تازو ئي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪيل شڪايت جي نتيجي ۾ عهدي تان هٽايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.