اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن سان به ذاتي تڪرار يا اختلاف ناهي، ڊڄندو اهو آهي، جنهن ڪجهه غلط ڪيو هجي، جڏهن ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ريفرنس جو ڊپ ڇو ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ ۾ نون ججن جي حلف برداري تقريب بعد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران صحافي پڇيو ته توهان جي خلاف ريفرنس پيو اچي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ريفرنس جڏهن ايندو تڏهن ڏٺو ويندو، صحافي پڇيو ته توهان تي الزام آهي ته ڪم نا ٿا ڪريو، جسٽس منصور چيو ته ڪيسن کي اڪلائڻ جي شرح ڏسڻ گهرجي، ڪنهن جا ڪيترا فيصلا قانوني ڪتابن ۾ شايع ٿيا، سڀ ڪجهه سامهون آهي، سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪمري ۾ موجود هاٿي ڪنهن کي نظر نه اچي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي، سمورن ججن سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي ۽ گڏجي چانهن به پيئندا آهيون، اڄ به هتي چانهن پيئڻ آيو آهيان.