فيض حميد خلاف 22 مان رڳو 2 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي سگهيا

اسلام آباد (عمران شفقت) سپريم ڪورٽ ۾ نون مقرر ٿيل ججن حلف کڻي ورتو آهي ۽ ان سان پروجيڪٽ عمران خان جي  ڪري پيدا ٿيل گند کي  اسٽبلشمنٽ پارليامينٽ جي مدد سان ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ اها سهولتڪاري جيڪا عمران خان کي ملي رهي هئي ان جو انت ڪري ورتو آهي. جسٽس منصور علي شاهه جو صحافي کي ڏنل جواب مان لڳي ٿو ته اهو آخري  پل تائين ويڙهه جاري رکڻ جي موڊ ۾ آهي .ان سميت جيڪي به لائين ۾ لڳل جج آهن 26هين آئيني ترميم انهن کان هضم نه ٿيندي.۽ آخري حد تائين ويندا چاهي ان لاءِ ڪا مونوپلي ڪرڻي پوي يا ايسوسي ايشن ٺاهڻي پوي.پروجيڪٽ عمران ان لاءِ آندو ويو هيو ته پاڪستان جون ٻئي سياسي پارٽيون ميچور ٿي ويون هيون  ۽ اسٽبلشمنٽ کي ڊپ هيو ته انهن جو ڪردار آئيني حدن اندر محدود ٿي ويندو. عمران خان کي عدالت اندران سهولتڪاري ملي رهي هئي ۽ اهي پروجيڪٽ عمران تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هيا. پروجيڪٽ عمران جي حفاظت لاءِ آرمي کان عدليه تائين ۽ بيورڪريسي ۾ ماڻهو ويهاريا ويا9 مئي جي گرفتاري کان اڳ لاهور هائي ڪورٽ هجي اسلام آباد هائي ڪورٽ هجي يا سپريم ڪورٽ ان جو لاڙو عمران خان ڏانهن وڌيڪ هئو.عمران خان کي آخري محاذ عدليه منجهان مڪمل سپورٽ هئي.ججن خط لکي سياست ڪئي ۽ پوءِ سياستدانن آئيني حدن ۾ رهي ڪري انهن جو معاملو سڌاريو.مون کي خبر پئي آهي ته جنرل فيض حميد خلاف 22 گواه  آهن.ٽي هفتا اڳ تائين صرف 2 گواهن جا بيان قلمبند ٿي سگهيا آهن. اهو معاملو ان جي ڪري ٿڌو هيو جو اڳتي هلي اهو اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ وڃڻو هيو اتي وري انهن سياسي ۽ جرنيلي ججن کي ويهڻو هيو.سو اسلام آباد هائي ڪورٽ م سينيارٽي ۽ چيف جسٽس جي تبديلي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اسان کي معاملا تيزي سان اڳتي وڌندي نظر ايندا. هاڻي جنرل فيض حميد وارو معاملو تيزي وٺندو ۽ پوءِ عمران خان خلاف 9 مئي وارو ڪيس تيزي سان اڳتي وڌندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر 15 فيبروري 2025ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.