پيڪا ايڪٽ مارشل لا کان خطرناڪ، عدليه، ميڊيا ۽ قومن کي حق ڏيو: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سياسي، قومپرست، مذھبي جماعتن، وڪيلن ۽ صحافين پيڪا ايڪٽ کي ايوبي، ضيائي ۽ مشرف جي مارشل لا کان بہ وڌيڪ خطرناڪ پارلياماني مارشل لا قرار ڏيندي چيو آھي ته ملڪ ۾ اظھار راء جي آزادي، عدل، انصاف ۽ بنيادي انساني حقن جي آواز کي دٻائڻ لاء پيڪا ايڪٽ جو ڪارو قانون لاڳو ڪيو ويو آھي. اھڙي ڪاري قانون کي ڪڏھن به قبول نہ ڪنداسين، پيڪا ايڪٽ جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھ پي ايف يو جي جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران پيڪا ايڪٽ 2025 خلاف شروع ڪيل ٽن ڏينھن واري بک ھڙتالي ڪئمپ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته پيڪا ايڪٽ ھڪ ڪارو قانون آھي. پيڪا ايڪٽ آڻي ھر شھري جي اظھار راء جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته  پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ سوشل ميڊيا جا جٿا تيار ڪيا. جيڪي اڳتي ھلي انھن جي ئي ڳچيءَ ۾ پيا ته ھاڻ انھن کي روڪڻ لاء پيڪا ايڪٽ آندو ويو آھي. ھن چيو ته ھن وقت پارليامينٽ موجود آھي. جتي مختلف سياسي جماعتن جي نمائندگي موجود آھي. انھن جي ھوندي پيڪا ايڪٽ پاس ٿيڻ پارليامينٽ جي مارشل لا لاڳو ڪرڻ آھي. ھن چيو ته 26 ھين آئيني ترميم جي صورت ۾ عدليا کي دٻائڻ جي سخت مخالفت ڪيون ٿا. ھاڻ سياسي جماعتن وٽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاء ڪابه حد مقرر ناھي. ھن چيو ته ھي جدوجھد صرف صحافين جي نه پر ھي سياسي سماجي فرد جي آھي ۽ اھا جدوجھد پيڪا ايڪٽ جي خاتمي تائين جاري رھندي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته اميد ته سياسي، سماجي تنظيمون ۽ وڪيل پيڪا ايڪٽ خلاف اسان جو ھر قدم تي ساٿ ڏينديون. ھن چيو ته پيڪا ايڪٽ خلاف ھلندڙ جدوجھد ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته حڪمرانن کي شڪست ملي چڪي آھي.ھن چيو ته ملڪ ۾ قومن جا حق محفوظ ناھن. ان ڪري ھڪ نئون سماجي معاھدو ڪري تاريخي قومن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو ته پيڪا ايڪٽ سڄي قوم جو مسئلو آھي. اھڙي  قانون جيڪو عام ماڻھو جي مفاد ۾ نه ھجي. اھو قانون ڪڏھن به قبول ناھي. ھن چيو ته ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ قوم کي تباھ ڪرڻ لاء سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. پيڪا ايڪٽ ھجي يا ڪئنالن وارو مسئلو ھجي ان خلاف سنڌ جا ماڻھو روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻيل آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ترقي پسند قوتن کي گڏيل اتحاد ڪرڻ جي ضرورت آھي. عوامي تحريڪ ھن جدوجھد ۾ صحافين سان گڏ آھي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي چيو ته پيڪا ايڪٽ ڪارو قانون آھي. ملڪ جي 70 سالا تاريخ بدترين واقعن سان ڀري پئي آھي. ھن چيو ته صحافين ايوبي آمريت، ضياء جي مارشلا کان وٺي مشرف جي آمريت تائين شاندار جدوجھد ڪئي آھي. ھاڻ به پيڪا ايڪٽ خلاف صحافي ميدان تي آھن.. ھن چيو ته حقيقت ۾ ھتي نه حقيقي رياست آھي ۽ نه ئي جمھوريت آھي. نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته ھي جدوجھد صرف صحافين جي نه پر سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مظلوم شھرين جي جدوجھد آھي. ھن چيو ته دنيا ۾ اظھار راء جي آزادي کانسواء جمھوريت نٿي ھلي سگھي. ھن چيو ته انساني بنيادي حقن ۽ اظھار راء جي آزادي تي ڪابه سوديبازي نٿي ڪري سگھجي. ھن چيو ته اسان پاڪستان بار ڪائونسل جي پليٽ فارم تان صحافين سان ھن جدوجھد ۾ گڏ ھونداسين. جي يو آء ف جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناھيون چيو ته پيڪا ايڪٽ جي جي يو آء سخت مخالفت ڪئي آھي. ھن چيو ته اسان سڀني کي سچو ٿي ھڪ پيج تي بيھڻو آھي. ھن چيو ته قلم جي تمام وڏي اھميت آھي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته پيڪا ايڪٽ ذريعي عوام جي آواز کي دٻائڻ آھي. سڄي ملڪ ۾ انسانن جا بنيادي حق لتاڙيا پيا وڃن. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته پيڪا ايڪٽ صحافين جو مسئلو نه پر سنڌ جي عوام ۽ وجود جو مسئلو آھي. ھن چيو ته جيڪي جھموريت جي دعوي ڪندڙ پارٽيون آھن. اھي سنڌ دشمن جماعتون آھن. جن سدائين سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ڪيو آھي.. جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ طاھر مجيد چيو ته پيڪا ايڪٽ اڄ جي ڪھاڻي ناھي. ھي ڪھاڻي گڏيل ھندستان جي دؤر کان ھلي رھي آھي. اقتدار جي لاء حڪمران عوام سان گڏ نه پر بندوق سان گڏ ھوندا آھن. عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو چيو ته ملڪ ۾ ڪڏھن به حقيقي جمھوريت ناھي آئي. ھن چيو ته ماضي ۾ بہ عوامي تحريڪ صحافين سان جدوجھد ۾ گڏ رھي جيل ڀوڳيا ۽ ڪوڙا کاڌا ھئا. ھن چيو ته بلوچستان ۾ ماڻھن کي بنيادي حق نٿا ملن انھن کي دھشتگرد چيو وڃي ٿو. وڏا دھشتگرد ته حڪمران آھن. جيڪي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪن پيا. سنڌ جي جيئاپي سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ رفيق مگسي چيو ته پيڪا ايڪٽ صرف صحافين جو مسئلو نه پر ھر سياسي، سماجي ورڪر جو مسئلو آھي. جيڪو به سچ ڳالھائيندو ان کي پيڪا ايڪٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ قيد ڪرڻ لاء ھي ايڪٽ آندو ويو آھي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رمضان ٻرڙو چيو ته پيڪا ايڪٽ آڻي ملڪ جي ٻوڙو ۽ گونگو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اھڙي ڪارن قانونن خلاف اسان سڀني کي گڏجي سگھاري جدوجھد ڪرڻي پوندي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته ملڪ جي اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي پيڪا ايڪٽ آندو ويو آھي. جنھن جو مقصد اظھار راء جي آزادي کي دٻائڻ آھي. ايڇ يو جي جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو  چيو ته پيڪا ايڪٽ جي خاتمي لاء ھن جدوجھد کي اڳيان وڌائڻو پوندو. ھن چيو ته پيڪا ايڪٽ کي ملڪ جي اڪثريتي سياسي قيادت رد ڪري چڪي آھي. اھڙا ڪارا قانون ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين. ايڇ يو جي، جي اڳواڻ اقبال ملاح چيو ته صحافت آئينو آھي. سماج پنھنجا گڻ ۽ اوگڻ ان آئيني ۾ ڏسندو ۽ ڏسيندو آھي. ھن چيو ته ھي سماج ھاڻ رھڻ لائق ناھي رھيو. ھتي بنيادي انساني حقن نه رھيا آھن. تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به نٿو ملي، ڇا عوام جو آواز بڻجڻ انھن جا ڏک درد رپورٽ ڪرڻ ڪو غلط ٿا ڪيون. ايڇ يو جي جي اڳواڻ جاني خاصخيلي چيو ته رات جي اونداھي ۾ پاس ڪيل پيڪا ايڪٽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪارو قانون آھي.  قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نظير بليدي چيو ته پيڪا ايڪٽ واري جدوجهد ۾ اسان صحافي برادري سان گڏ آهيون پيڪا ايڪٽ ذريعي نه صرف صحافين پر هر شعبي سان تعلق رکندڙ هر فرد کي خاموش ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جيڪا قبول ناهي، بک ھڙتالي ڪئمپ کي سماجي اڳواڻ زيب النساء ملاح، صحافڻ سھڻي پارس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.