اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج پنهنجي عهدن جو قسم کڻي ورتو، جڏهن ته اسلام آباد، سنڌ ۽ ڪي پي جي وقتي چيف جسٽسز به حلف کنيو، ڪالهه سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ججن جي حلف برداريءَ جي تقريب عدالتي اڱڻ ۾ ٿي، جنهن جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي، تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل، ججن جي ڪٽنبن، پاڪستان بار، سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ارباب طاهر ۽ ٻين ججن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نون ججن کي قسم کڻايو، مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن، جڏهن ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي وقتي جج طور قسم کڻايو ويو، ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ نون ججن جي شموليت بعد بئنچن جي نئين سر جوڙجڪ به ڪئي وئي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڏهن ڪيسن جي ٻڌڻي عمل ۾ آئي، جڏهن ته ضمانت رد ٿيڻ جون 4 درخواستون به خارج ڪيون ويون، هوڏانهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس کي حلف کڻائڻ جي تقريب گورنر هائوس ڪي پي ۾ ٿي، وڏو وزير علي امين به شريڪ ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جسٽس جنيد غفار کي حلف کڻائڻ جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي ، گورنر ڪامران ٽسوري حلف کڻايو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جسٽس سرفراز ڊوگر کي حلف کڻائڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر آصف علي زرداري ساڻس حلف ورتو.