ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻي شهر ۾ امن امان جي بدترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦر ۽ اغوا جي وڌنڌڙ وارداتن عوام جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي شھر جا واپاري ۽ ھندو برداري ڏوھارين جي ٽارگيٽ تي اچي ويا آهن، ماضي ۾ لاڙڪاڻي شھر جي ڪڏهن به اھڙي صورتحال ڪونه ڏسڻ ۾ آئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر ۾ ڦر واقعي ۾ زخمي ٿيل ٻن هندو نوجوانن جي عيادت کان پوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ان موقعي تي ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، سليم انصاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.