ڳڙهي حسن ۾ کوسا برادري ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

ڳڙهي حسن (رپورٽ: حضور بخش سومرو) ڳڙهي حسن لڳ ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد مراد کوسو ۾ زميني تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻن ڀائرن  سميت 3 ڄڻا بابي کوسو، آفتاب کوسو ۽ ذوالفقار کوسو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻي تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيا، جتان وارث لاش وصول ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ بهادرپور ۾ جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيا. علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. ٻئي طرف، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، پر جوابدار فرار ٿي ويا. سڄاڻ ڌرين چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن گهر مسمار ڪري پيل سامان جي لُٽ ڦر ڪري رهي آهي. پوليس موجب، جوابدار بلوچستان فرار ٿي ويا آهن، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڊي ايس پي ڳڙهي حسن غلام سروس موجب کوسا برادري ۾ زميني تڪرار هلندڙ هو. پوليس پهچي جهيڙو ٽاريو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.