هرنائي ۾ ڌماڪو، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي

هرنائي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، ڪالهه هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي  ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 پورهيت ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي شاهرگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن پورهيتن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سوات ۽ شانگلا سان ٻڌايو پيو وڃي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، شاهرگ ۾ ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.