سپريم ڪورٽ جي 7 نون ججن عهدي جو قسم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج پنهنجي عهدن جو قسم کڻي ورتو.
سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ججن جي حلف برداريءَ جي تقريب عدالتي اڱڻ جي لان ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي.
تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل، ججن جي ڪٽنبن، پاڪستان بار، سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ارباب طاهر ۽ ٻين ججن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي نون ججن کي قسم کڻايو، مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن، جڏهن ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي وقتي جج طور قسم کڻايو ويو.
ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ نون ججن جي شموليت بعد بئنچن جي نئين سر جوڙجڪ به ڪئي وئي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڏهن ڪيسن جي ٻڌڻي عمل ۾ آئي، جڏهن ته ضمانت رد ٿيڻ جون 4 درخواستون به خارج ڪيون ويون.
لارجر بئنچ ۾ جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ وقتي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.