جڏهن ريفرنس ايندو تڏهن ڏٺو ويندو، ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ڊپ ڇا جو؟ جسٽس منصور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن سان به ذاتي تڪرار يا اختلاف ناهي، جڏهن ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ريفرنس جو ڊپ ڇو ٿيندو؟ ڊڄندو اهو آهي، جنهن ڪجهه غلط ڪيو هجي.
سپريم ڪورٽ ۾ نون ججن جي حلف برداري تقريب بعد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيسن جي نبيرڻ جي شرح ڏسڻ گهرجي، ڪنهن جا ڪيترا فيصلا قانوني ڪتابن ۾ شايع ٿيا، سڀ ڪجهه سامهون آهي، سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.
صحافين طرفان ريفرنس بابت سوال تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ريفرنس جڏهن ايندو تڏهن ڏٺو ويندو، جڏهن ڪجهه غلط ڪيو ئي ناهي ته ڊڄڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪمري ۾ موجود هاٿي ڪنهن کي نظر نه اچي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي، سمورن ججن سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي ۽ گڏجي چانهن به پيئندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.