کاڌو پارسل ٿانوَن موت جو سبب بڻجن ٿا! ماهرن جو وڏو انڪشاف

اڄڪلهه نه خاص ڪري ننڍي عمر جي ماڻهن ۾ دل جي دورن جو مسئلو عام بڻجي ويو آهي، اختيارين جي تازي رپورٽن ۾ نوجوانن ۾ وڌندڙ دل جي دورن تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو ويو آهي.

دل جي دورن جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا پر اڄڪلهه وڌندڙ اهم مسئلا جهڙوڪ طرز زندگي، فاسٽ فوڊ جو گهڻو استعمال توڙي جسماني تحرڪ نه هجڻ به دل جي دوري ۽ موت جو اهم سبب بڻجي رهيا آهن، جن کان احتياط ڪري موتمار خطرن کان بچي سگهجي ٿو.

پر صحت جي ماهرن تازو ڪيل تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پارسل کاڌا دل جي دورن جا خطرا وڌائين ٿا.

جنرل ”ايڪوٽاڪسيڪالاجي اينڊ انوائرونمينٽل سيفٽي“ ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بازارن مان ملندڙ ”ٽيڪ اوي“ پارسل ۾ ملندڙ کاڌو دل جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پلاسٽڪ واري دٻن يا ٻين ٿانون ۾ موجود ڪيميائي عنصر رت جي دوري مطلب وهڪرن ۾ ورم پيدا ڪري ان کي نقصان پهچائين ٿا.

اهي پلاسٽڪ جا ٿانوَ ۽ دٻا اڄڪلهه هوٽلن، مارڪيٽن ۽ چوراهن تي عام طور تي استعمال ٿي رهيا آهن جن ۾ برياني، سلاد توڙي چاٽ وغيره مهيا ڪئي وڃي ٿي.

ان سان گڏ انهن ٿانوَن جو استعمال اسڪولي ٻارڙن کي مانجهاندو ڏيڻ توڙي آفيس  ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن لاءِ به عام طور تي ڪيو ويندو آهي جن کي لنچ باڪس چيو وڃي ٿو.

اهي ٿانوَن انڪري به سولا آهن جو انهن کي سولائيءَ سان هڪ ڀيرو استعمال ڪري ڦِٽو ڪيو ويندو آهي يا وري اهي گهمندي ڦرندي به استعمال ڪري سگهبا آهن.

تحقيق ۾ ٽي هزار کان مٿي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جيڪا انهن پلاسٽڪ واري شين ۾ کائڻ جا عادي هئا ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته اهي دل جي بيمارين ۾ ته مبتلا ناهن.

انکانپوءِ پلاسٽڪ ۾ موجود ان ڪيميڪل کي پاڻي ۾ ملائي ڪوئن تي استعمال ڪرايو ويو.

ماهرن ٻڌايو ته نتيجن مان خبر پئي ته پلاسٽڪ واري ڪيميڪلز مان دل جي دورن جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

اهو به ياد رهي ته پلاسٽڪ ۾ ويهه هزار کان وڌيڪ ڪيميڪل ٿي سگهن ٿا جن مان گهڻي قدر صحت لاءِ نقصانڪار ئي سمجهيا ويندا آهن.

اهڙن ڪيميڪلز کي گهڻي قدر فوڊ پيڪيجنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي انهن کي ڪينسر سميت ٻين ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين سان جوڙيو ويندو آهي.

واضح رهي ته دل جو دورو اهڙو ڊگهي مدي وارو مرض آهي جنهن دوران دل جسم لاءِ گهربل مقدار ۾ رت پهچائڻ کان قاصر بڻجي ويندو آهي.

جڏهن ته مقامي سطح تي ٺهيل مٽي جا ٿانوَ نقصانن کان پاڪ هجڻ سان گڏ صحت جي مختلف فائدن وارا هوندا آهن جن جو استعمال اڄڪلهه نه هئڻ برابر وڃي بچو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.