سريلنڪا آسٽريليا کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ آسٽريليا کي ٻن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏي.
ڪولمبو جي آر پراما داسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا 174 رنسن تان کٽي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون، ڪوشل مينڊس 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان چيراٿ اسالانڪا 78 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
آسٽريليا طرفان شان ايبٽ هڪ وڪيٽ ورتي .
سريلنڪا جي 282 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي آسٽريلوي ٽيم 25 هين اوور ۾ 107 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان اسٽيو سمٿ کانسواءِ به بيٽر سريلنڪن بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، سمٿ 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
سريلنڪا طرفان دونيٿ ولالاگي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته وانندو هسارنگا ۽ اسيٿا فرنينڊو 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪوشل مينڊس کي شاندار سينچري تي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته ڪپتان چيراٿ اسالانڪا کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ آسٽريليا ڏکيائين جو شڪار

چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ سريلنڪا هٿان وائيٽ واش شڪست آسٽريليا جي مهم کي متاثر ڪيو آهي. پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ، مچل مارش ۽ مارڪوس اسٽوئنس جي غير موجودگيءَ سبب آسٽريليا جي بالنگ اڳ ئي ڪمزور هئي، پر هاڻي بيٽنگ به ناڪام وئي، جتي ٽريوس هيڊ، جوش انگلس ۽ گلين ميڪسويل جي واپسي به ڪو فائدو نه ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.