پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجي سرزمين تي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ تيار آهي.
هيءَ ٽورنامينٽ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، جيڪو 1998ع ۾ ”آءِ سي سي ناڪ آئوٽ“ طور شروع ٿي هئي.
پاڪستان ۾ 1996ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪو آءِ سي سي ايونٽ منعقد ٿي رهيو آهي، 2008ع ۾ به چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ شيڊيول هئي، پر ملڪ ۾ دهشتگردي سبب ان کي ڏکڻ آفريقا منتقل ڪيو ويو هو.
ڀارتي ٽيم جي انڪار باوجود رانديگر پاڪستان ۾ …!
چيمپيئنز ٽرافي جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ کان انڪار باوجود، پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، ۽ راولپنڊي ۾ ٽورنامينٽ جي مشهوري لاءِ لڳايل بئنرن تي روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ ٻين ڀارتي رانديگرن جون تصويرون نمايان نظر اچي رهيون آهن.
مداحن لاءِ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڀارت پاڪستان نه اچي رهيو آهي، پر ان جي ڪرڪيٽ اسٽارز جون تصويرون پاڪستان جي روڊن کي سينگارين ٿيون.
سوشل ميڊيا تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، هڪ صارف لکيو ته”ڀارت بنا پرچم جي به پاڪستان ۾ موجود آهي!“ ته ڪنهن چيو”ڪرڪيٽ سياست کان وڏي آهي، ڀلي ڀارت نه اچي، پر ان جي رانديگرن جون به پاڪستان ۾ ڏسڻ جو مزو ئي ٻيو آهي!“
چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل
چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون هائبرڊ فارمولي تحت پاڪستان ۽ هڪ نيوٽرل وينيو تي کيڏيون وينديون، جنهن تحت ڀارتي ٽيم پنهنجا ميچ دبئي ۾ کيڏندي.
جيڪڏهن ڀارت فائنل تائين پهچي ٿو ۽ ان جو مقابلو پاڪستان سان ٿئي ٿو ته فائنل دبئي ۾ کيڏيو ويندو، پر جيڪڏهن پاڪستان ڪنهن ٻي ٽيم سان فائنل کيڏندو ته اهو لاهور ۾ منعقد ٿيندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ جي عالمي واپسي
1996ع جي ورلڊ ڪپ کان پوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي وڏي پيماني تي ميزباني جو موقعو نه مليو هو، پر هاڻ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ هڪ وڏو قدم آهي.
ڀارت اچي يا نه پر پاڪستان جو ڪرڪيٽ جنون پنهنجي عروج تي آهي ۽ مداحن لاءِ سڀ کان وڏي خوشي اها آهي ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ جو مرڪز بڻجي رهيو آهي!