پيڪا ايڪٽ خلاف صحافين جو ملڪ گير احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر+نمائندا)پي ايف يو جي، جي سڏ تي ايڇ يو جي پاران پيڪا ايڪٽ خلاف ٻئي ڏينھن به بک ھڙتال جاري رھي. بک ھڙتالي ڪئمپ تي پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر ڪامريڊ تاج مري، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي صدر پروفيسر منور ٽالپر، ايڇ يو جي جي صدر وسيم خان، جنرل  سيڪريٽري ڄام فريد لاکو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيڪا قانون ڪارو قانون آھي.جنھن کي ملڪ جي صحافين سميت اڪثريتي اسٽيڪ ھولڊرز رد ڪري چڪا آھن،ٻئي پاسي ڪراچي، نوابشاهه،سکر، ميرپورماٿيلو، راولپنڊي،اسلام آباد،پنجاب،بلوچستان ۾ صحافين پاران بک هڙتال جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.