ڊوميسٽڪ بدران ليگ ڪرڪيٽ کي ترجيح، شاناڪا خلاف ڪارروائي شروع

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ڪرڪيٽ اڳوڻي ڪپتان داشن شاناڪا خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ جي بيان موجب، شاناڪا تي الزام آهي ته هن 2 فيبروري تي ڪولمبو ۾ فرسٽ ڪلاس ميچ وقت کان اڳ ڇڏي ته جيئن شام جو دبئي ڪيپيٽلز لاءِ کيڏي سگهي.
چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايشلي ڊي سلوا موجب، شاناڪا ميچ ريفري ونڊل لابروئي کي ڪنڪشن جو تاثر ڏنو ته جيئن سندس جاءِ تي متبادل رانديگر کيڏي سگهي.
شاناڪا جو چوڻ آهي ته بورڊ اڳواٽ ڄاڻ رکندو هو ته هو ميچ کان اڳ نڪري ويندو. هن ٻڌايو ته آئوٽ ٿيڻ بعد اسپتال ويو، ڳچيءَ تي لڳل ڌڪ جو معائنو ڪرايو ۽ پوءِ دبئي وڃي شام جو آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ميچ کيڏي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب، ڊوميسٽڪ ميچ دوران اهڙي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، خاص طور تي جڏهن سبب مشڪوڪ هجن.
شاناڪا انهن ٽن رانديگرن مان هڪ هو، جيڪي ايس ايس سي جي طرفان کيڏڻ لاءِ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي تان واپس آيا. هن پهرين ڏينهن 21 اوور بالنگ ڪري هڪ وڪيٽ ورتي، ٻئي ڏينهن 39 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ۽ ٽئين ڏينهن 123 بالن تي 87 رنسون ٺاهيون.
اننگز ختم ٿيڻ بعد هن بالنگ نه ڪئي ۽ وڌيڪ ميچ ۾ شرڪت نه ڪئي. ڪجهه ڪلاڪن بعد هو دبئي ڪيپيٽلز لاءِ کيڏڻ ويو، جتي 12 بالن تي 34 رنسون ٺاهيون.
ياد رهي ته دبئي ڪيپيٽلز آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، جڏهن ته شاناڪا 2 فيبروري کانپوءِ ايس ايس سي لاءِ ٻيهر نه کيڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.