لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته هو پنجاب ۾ صنعتڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، صنعتڪار کي گهرجي ته اهي گهڻيون صنعتون قائم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي اين او سي ملندو. صوبائي ڪابينا اجلاس ۾ 90 نقطن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. صوبائي ڪابينا اسپيشل اڪنامڪ زون انڊسٽريل اسٽيٽس ۽ سمال انڊسٽريل اسٽيٽس لاءِ زيرو ٽائيم ٽو اسٽارٽ پاليسي جي منظوري ڏني. وزيراعليٰ ٽرام سروس شروع ڪرڻ لاءِ پلان طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪينسر جي مريضن لاءِ ڪيموٿراپي جو متبادل، ڪرايوبليشن مشين لاءِ 580 ملين رپين جا فنڊ منظور ڪيا ويا. ڪابينا 5 هزار 960 ڪانسٽيبل ڀرتي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. مري ۾ ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان تحت 500 پوسٽن تي ڀرتي جو اصولي فيصلو ڪيو. مريم نواز روڊن تي کڏا فوري طور تي ڀرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا نگهبان رمضان پيڪيج لاءِ 30 ارب رپين جي منظوري ڏني، جنهن سان 30 ملين ماڻهن کي فائدو ٿيندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ پهريون ڀيرو عوام کي قطارن ۾ نه بيهڻو پوندو ۽ گهر ويٺي 10 هزار رپيا ملندا. ڪابينا ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ لينڊ ليور جي جاءِ به هڪ هزار مفت ٽريڪٽر ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.واضح رهي ته ڪراچي ۾ به 1885ع کان 1975ع تائين ٽرام سروس هلندي هئي،ان سروس بند ٿيڻ جو سبب شهر ۾ بسن جي آمد ۽ سرڪلر ريلوي جي شروعات ڪرڻ هو،