اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي آمد دٻاءُ جي ڳالهه ناهي، قانون جي حڪمراني آءِ ايم ايف سان انتظام جو حصو آهي. هي آءِ ايم ايف جو دائرو آهي، وفد سپريم ڪورٽ جي ماتحت اداري لا اينڊ جسٽس ڪميشن سان ملاقات ڪئي. هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ٻيا عالمي ادارا قانون جي حڪمراني جي نگراني ڪن ٿا، قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ جي 7 نون ججن جي مقرري جي سمري ايوان صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جنهن جي منظوري تي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
-
پي ٽي آءِ تي ظلمن بابت خط آءِ ايم ايف کي ڏينداسين: فيصل چوڌري
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ، آءِ ايم ايف وفد سان رابطو ڪندي ۽ اپوزيشن ليڊر ملاقات ڪندو، آءِ ايم ايف وفد کي هڪ ڊوزيئر ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ تي اڍائي سالن ۾ ٿيل ظلمن بابت ٻڌايو ويندو. اڊيالا جيل ۾ بشريٰ بي بي ۽ وڪيلن عمران خان سان ملاقات ڪئي. جيل ٻاهران ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته عمران خان 26هين ترميم کي پاڪستاني عدالتي نظام تي راتاهو قرار ڏنو. هن هدايت ڪئي ته ججن جي مقررين تي وڪيلن جي تحريڪ جو ساٿ ڏيون. هن چيو ته عمران خان جيڪي کليا خط لکيا آهن انهن تي نظرثاني جي ضرورت آهي.