غوثپور(رپورٽ:عبدالجبار اوڳاھي)ڪرمپور شهر ۽ ڳوٺ مهرو واسي گڏهه گاڏي تي ڪاٺيون ڪندڙ پورهيتن ديدار ملڪ،حفيظ ملڪ،ھزارو ملڪ، نظام ملڪ،حضورو ملڪ، رمضان چاچڙ، اجي چاچڙ،سھيل شيخ سميت 9 ڄڻن کي ناپر ڪوٽ واري علائقي ڏڪ بند ڀرسان تيغاڻي گينگ جا ڏوھاري مبينه طور اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا،وڌيڪ مليل تفصيل موجب خانپورجي ڪچي واري علائقي ناپرڪوٽ جي حد ڏڪ بند وٽان صبح سوير هٿياربندن طرفان نون پورھيتن کي باندي بڻائڻ جا اطلاع آهن، رابطو ڪرڻ تي پورهيتن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو معمول موجب صبح سوير گڏهه گاڏن تي ڪاٺيون ڪرڻ ويا ته هٿياربندن ڏڪ بند وٽان باندي بڻائي ورتو آهي، هوڏانهن ڪوشش باوجود موقف وٺڻ لاءِ حد جي پوليس سان رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته مغوي پورهيتن جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ٻئي پاسي ڏوھارين باندي بڻايل پورھيتن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪندي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان ڊرون حملا بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي۔