عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميا سميت سمورا ٿنڀ زوال پذير آهن\جسٽس محسن اختر

اسلام آباد(بيورو رپورِٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سميت سمورا ٿنڀ زوال پذير آهن.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران جسٽس محسن ڪياني چيئرمين ايف پي ايس سي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اختر نوازستي کي مخاطب ٿيندي چيو ته 2024ع جي امتحانن جا نتيجا نه آيا ۽ توهان 2025ع جو امتحان ڏيارڻ وارا آهيو. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس محسن ڪياني چيو ته عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سميت سمورا ٿنڀ ڪري چڪا آهن، عدليه جو ٿنڀ هوا ۾ آهي پر پوءِ به مايوس نه ٿيا آهيون.  جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ رهڻ مسلسل جنگ آهي، هتي 24 کان 25 لک ماڻهو آهن، ويڙهاڪ وڌيڪ آهن ۽ بچندڙ گهٽ آهن. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدليه رياست جو ٿنڀ آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته رياست جو ٿنڀ  هوا ۾ آهي پر هو مايوس نه ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.