ٽرمپ جي وچ اوڀر ۾ وري جنگ دکائڻ جي ڪوشش

دنيا جا طاقتور ملڪ وچ اوڀر ۾ باھ کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ پيا ڇڏين.آمريڪا جو تڪرار صدر ڊونلڊ ٽرمپ پھرين اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي لاءِ دٻاءَ وڌو،معاھدي ٿيڻ بعد وري اچرج ۾ وجھندڙ بيان ڏنو تھ فلسطيني شھرين ٻيا ملڪ پاڻ وٽ رھائين، بھانو اھو ڏنو ويو تھ غزا ۾ جنگ دورن سرنگون وڇايل آھن ۽ بارود موجود آھي.جنھن تي دنيا مان ردعمل اچڻ بعد سندس اھڙي خواھش جو پورائو ٿيڻ ڏکيو بڻجي رھيو آھي.

ان وچ ۾ وري ٽرمپ اوچتو اسرائيل کي ھشي ڏئي ڪري جنگبندي کي ٽوڙڻ لاءِ ڀڙڪائي رھيو آھي.جڏھن تھ ان کان اڳ ئي اسرائيل پاران جنگبندي جي ڀڃڪڙي سبب حماس باقي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي عمل کي روڪي ڇڏيو آھي.

ان وچ ۾ ئي اسرائيلي حڪومت فلسطينين کي غزه ڇڏڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي، بي گهر ماڻهن لاءِ عارضي رهائش جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ٿيڻ سبب فلسطيني شھرين ۾ خوف پئدا ٿي رھيو آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حماس ڇنڇر (15 فيبروري) تائين سڀني اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ته جنگ بندي جو معاهدو ختم ڪيو وڃي. هن حماس کي ڇنڇر ڏينهن منجهند 12 وڳي تائين جو وقت ڏنو آهي.ھن  زور ڏنو ته جنگ بندي ختم ڪرڻ جو فيصلو سندس ذاتي راءِ آھي ۽ اسرائيل ان حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهي ٿو. غزه ۾ اڃا تائين 76 اسرائيلي يرغمال  موجود آهن، جن مان 73 کي 7 آڪٽوبر جي حملي کان پوءِ اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته باقي ٽي يرغمال تقريبن هڪ ڏهاڪي کان حماس جي قبضي ۾ آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ٿيندو. صدر کان پڇيو ويو ته ڇا هن جو مطلب اسرائيل کان انتقام هو، جواب ۾ ھن چيو تھ توهان کي خبر پوندي ۽ حماس کي خبر هوندي ته منهنجو مطلب ڇا آهي. حماس ۽ اسرائيل جي جنگبندي جي پهرين مرحلي تحت حماس کي اسرائيلي جيلن ۾ قيد 1,900 فلسطينين جي آزادي جي بدلي ۾ 33 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻو هو. پهرين مرحلي ۾ حماس ھن وقت تائين 16 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو آهي، جڏهن تهباقي 17 کي  ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسرائيل حوالي ڪيو ويندو. اسرائيل جو چوڻ آهي  ته حماس وٽ قيد ڪيل اٺ اسرائيلي يرغمال مارجي ويا آهن.

ھوڏانھن  حماس جي فوجي ونگ پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي وڌيڪ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي کي "وڌيڪ اطلاع تائين” معطل ڪري رهيا آهن. حماس جي فوجي ونگ جي ھڪ بيان ۾ چيو ويو آھي تھ  اسرائيل ٽب ھفتن کان جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي.نتيجي ۾اتر غزه ۾ بي گھر ماڻهن جي واپسي ۾ دير ٿي، غزه پٽي جي مختلف علائقن ۾  حملا ڪيا ويا ۽ شرط موجب انساني امداد کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي. بيان ۾ چيو ويو آھي تھ حماس پنهنجن واعدن جو مڪمل احترام ڪيو آهي.يرغمالين جي آزاديءَ هاڻي معاهدي جي شرطن تي عمل سان  ڳنڍيل آهي.

اسرائيلي دفاع واري وزير  چيو آهي ته سندن يرغمالين جي آزادي کي روڪڻ جو حماس جو اعلان جنگ بندي  جي ڀڃڪڙي آھي وزير وڌيڪ چيو تھ ھن اسرائيلي فوجن کي ڪنھن بھ امڪاني  صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ  الرٽ رھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. گڏيل قومن جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ ڌريون جنگ بندي جي معاهدن تي ھر پاسي کان مڪمل عمل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.