ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ ملازمن جي مختلف تنظيمن پاران وفاقي حڪومت جي پينشن پاليسين، گروپ لائيف انشورنس جي رقم نه ملڻ، سرڪاري پاور پلانٽس بند ڪرڻ ۽ پينشنرز کي صحت ڪارڊ کان محروم رکڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪراچي پريس ڪلب اڳيان رٽائرڊ ملازمن جي تنظيمن وفا پينشرن جي ترقي ۽ وڌا واري تنظيم سنڌ، سنڌ پينشنرز گرينڊ الائنس ۽ گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو.، وڏي انگ ۾ رٽائرڊ ملازمن شرڪت ڪئي.
احتجاج جي اڳواڻي حبيب الدين جنيدي، خالد احمد خان، محمد يونس مھر، احمد سلمان شاھين، محمد قاسم پٺاڻ، حسين بادشاهه، شمس الدين سولنگي، صفيا عباسي، فرزانه ڀٽو، محمد دلشاد اشرفي، نظير احمد عمراني ۽ عبدالحليم بلوچ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي اڳواڻن حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته پينشنرن کي حق ڏيڻ بدران ٻوجهه سمجهيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود گروپ لائيف انشورنس جي ادائيگي نه ٿي رهي، جيڪو سراسر ظلم آهي.
ملازمن جو چوڻ هو ته سرڪاري پاور پلانٽس بند ڪري خانگي ڪمپنين کان مهانگي بجلي وٺڻ عوام دشمني آهي.
ملازمن اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري سرڪاري پاور پلانٽس ٻيهر بحال ڪيا وڃن، پينشن ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ پينشنرز کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ٿيا ته ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. احتجاج اجتماعي دعا سان ختم ڪيو ويو.