ليبيا ٻيڙي حادثو: فوت ٿيل 7 پاڪستانين جا نالا ۽ سفر جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ليبيا ۾ ٻيڙي حادثي دوران فوت ٿيندڙ 7 پاڪستانين جا نالا سامهون اچي ويا.
گذريل ڏينهن ليبيا ۾ 65 مسافرن کڻي ويندڙ ٻيڙي مرسا ڊيلا جي بندرگاهه ويجهو اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور 16 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي خبر آئي، جڏهن ته هاڻي ايف آءِ اي ست پاڪستاني فوتين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ايف آءِ اي موجب، فوت ٿيلن ۾ ثقلين حيدر، شعيب حسين، عابد حسين، سراج الدين، سيد شهزاد حسين، شعيب علي ۽ نصرت حسين شامل آهن، جيڪي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، اسلام آباد ۽ فيصل آباد ايئرپورٽن تان سفر ڪري ويا هئا.
اميگريشن ذريعن موجب، مسافر شعيب حسين 10 جنوري 2025 تي تفتان بارڊر ذريعي ايران ويو هو، جڏهن ته ثقلين حيدر 9 فيبروري 2024 تي ڪراچي ايئرپورٽ تان سعودي عرب ويو، عابد حسين 25 نومبر 2024 تي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تان مصر روانو ٿيو.
مسافر سراج الدين 31 ڊسمبر 2022 تي پشاور ايئرپورٽ تان سعودي عرب ويو، جڏهن ته سيد شهزاد حسين 25 ڊسمبر 2024 تي اسلام آباد ايئرپورٽ تان سعودي عرب لاءِ سفر ڪيو.
ذريعن موجب، شعيب علي 19 نومبر 2024 تي فيصل آباد ايئرپورٽ تان سعودي عرب ويو، جڏهن ته نصرت حسين 20 سيپٽمبر 2024 تي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تان امارات جو سفر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.