سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ جي اندروني تهه جي جوڙجڪ ۾ تبديليون اچي رهيون آهن
ڪجهه وقت اڳ سائنسدانن تصديق ڪئي هئي ته ڌرتيءَ جي اندروني تهه اسان جي سياري جي سطح جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سست رفتاريءَ سان گردش ڪري رهيو آهي.
هاڻي سائنسدانن ڌرتيءَ جي تمام گهري لڪل هڪ ٻئي حيرت جوڳي راز جو انڪشاف ڪيو آهي.
سائنسدانن موجب، ڌرتيءَ جي اندروني تهه جي جوڙجڪ ۾ تبديليون اچي رهيون آهن.
ڌرتيءَ جي مٿاڇري وارو تهه سيال ڌاتوءَ تي ٻڌل آهي، جڏهن ته اندروني تهه نج ڌاتن تي مشتمل آهي، جنهن جو مقدار چنڊ جي 70 سيڪڙو حصي جيترو آهي.
هي تهه اسان جي پيرن هيٺان 4800 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ موجود آهي.
تحقيق دوران پهريون ڀيرو اهڙا ثبوت مليا، جن مان اشارو ملي ٿو ته گذريل 20 سالن دوران اندروني تهه ۾ تبديليون آيون آهن.
اندروني تهه ۾ انهن تبديلين جا ثبوت زلزلي جي لهرن جي تجزيي مان مليا.
محققن 2024 جي انهيءَ تحقيق جي زلزلن جي ڊيٽا استعمال ڪئي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي اندروني تهه جي گردش واري رفتار تي روشني وڌي وئي هئي.
2024 جي تحقيق لاءِ ماهرن 1991 کان 2023 جي وچ ڌاري سائوٿ سينڊوچ ٻيٽن ۾ رڪارڊ ٿيل 121 زلزلن جي ڊيٽا گڏ ڪئي هئي.
نئين تحقيق مان زلزلي جي لهرن جي تجزيي ذريعي اشارو مليو ته ڌرتيءَ جي اندروني تهه جي سطح ۾ تبديليون اچي رهيون آهن.
محققن ٻڌايو ته هنن ڌرتيءَ جي اندروني تهه سان زلزلي جي ٽڪرائڻ کانپوءِ واپس ايندڙ سگنلز جي ڀيٽ ماضي جي سگنلز سان ڪئي ته جيئن ڏسي سگهجي ته ڪو فرق موجود آهي يا نه.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اندروني تهه جي سطح ۾ ٿيندڙ تبديلين مان ڌرتيءَ جي کوٽائيءَ ۾ موجود مقناطيسي توانائيءَ جي طاقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪا اسان جي سياري کي شمسي طوفانن ۽ خطرناڪ ريڊيئيشن کان محفوظ رکي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ جو ارتقا هلندڙ عمل آهي، ان ڪري انهن تبديلين کي سمجهڻ سان اسان کي اندروني تهه بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿيندي.
محققن موجب، اڳوڻين تحقيقن ۾ ڌرتيءَ جي اندروني تهه جي گردش ۾ تبديلين تي تحقيق ٿي هئي، جڏهن ته سندن مطالعي ۾ هڪ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.
واضح رهي ته ڌرتيءَ جي سڀني تهن مان اندروني تهه سڀ کان وڌيڪ پري ۽ پراسرار آهي، جتي گرمي پد جو ڪاٿو 5400 درجا سينٽي گريڊ لڳايو ويو آهي.
محققن ٻڌايو ته اهو تصور ڪرڻ به سائنس فڪشن وانگر لڳي ٿو ته ڌرتيءَ جي اندروني تهه تي ڇا ٿي رهيو آهي.
ماهرن موجب، اهو هڪ اهڙو هنڌ آهي، جيڪو اسان جي ٻاهرين دنيا کان مڪمل طور مختلف آهي، اتي وقت، مادي ۽ حالتون سڀ ڪجهه جدا آهن، ان باوجود اسان ان تائين پهچڻ ۽ ڄاڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي.
You might also like