چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ انگلش ٽيم کي وڏو نقصان، اهم رانديگر ٽورنامينٽ مان آئوٽ

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان آل رائونڊر جيڪب بيٿل انجري سبب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، انگلش ڪپتان جوز بٽلر تصديق ڪئي آهي ته ڀارت خلاف جاري ون ڊي سيريز دوران هيمسٽرنگ انجري سبب آل رائونڊر جيڪب بيٿل پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏي سگهندو.
جيڪب بيٿل سيپٽمبر ۾ انگلينڊ لاءِ ون ڊي ڊيبيو ڪيو هو، هو ناگپور ۾ سيريز جي پهرئين ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿيو، ان ميچ ۾ هن 51 رنسون ٺاهيون ۽ شرياس اَئير جي وڪيٽ پڻ ورتي هئي.
انجري سبب هو ڀارت خلاف ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز مان به ٻاهر ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس جاءِ تي ٽام بينٽن کي ٻي ون ڊي کان اڳ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
ٻي ون ڊي ۾ شڪست بعد جوز بٽلر چيو ته جيڪب جو چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ افسوسناڪ آهي ڇو ته هو باصلاحيت رانديگر آهي.
واضح رهي ته جيڪب بيٿل جي انجري بابت وڌيڪ تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون ايندا، جڏهن ته آءِ سي سي طرفان چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار لاءِ آخري تاريخ 12 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.