ڍاڪا (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ کيڏڻ ويل پاڪستاني ڪرڪيٽر خواجا نافع معاهدي جي ادائيگي ٿيڻ واري خبر کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن خبر سامهون آئي هئي ته خواجا محمد نافع بنگلاديش ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ فرنچائز کيس پوري رقم ادا نه ڪئي آهي.
اهو به چيو ويو هو ته سندس پاڪستان واپسي جو ٽڪيٽ به جعلي نڪتي، جنهن سبب کيس ڍاڪا ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو.
پر هاڻي خواجا نافع وضاحت ڪندي چيو آهي ته هو بنگلاديش ايئرپورٽ تي نه پر فائيو اسٽار هوٽل ۾ ترسيل آهي ۽ کيس معاهدي جي پوري رقم پڻ ملي چڪي آهي.
هن چيو ته سندس ٽڪيٽ به صحيح آهي ۽ ان حوالي سان باري ۾ غلط خبر پکيڙي وئي.
ياد رهي ته ان کان اڳ محمد حارث به بنگلاديش ۾ ڦاسي پيو هو، جتي سندس ٽيم دربار راجشاهي رانديگرن کي نه ته واپسي جون ٽڪيٽون ڏنيون نه ئي معاوضو ادا ڪيو هو.
محمد حارث صورتحال بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪيو هو، جنهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهائي معاملو حل ڪرايو هو.
بي پي ايل معاهدي جي ادائيگي نه ٿيڻ ۽ جعلي ٽڪيٽ وارو مامرو، خواجا نافع جو بيان اچي ويو
You might also like