لاهور (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 کان اڳ ڪا به وارم اپ ميچ نه کيڏندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي ٽيم جيڪا هن وقت انگلينڊ خلاف وائيٽ بال سيريز کيڏڻ ۾ رڌل آهي، 15 فيبروري تي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ دبئي لاءِ اُڏام ڀريندي.
پهريان خبرون سامهون آيون هيون ته ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ کا اڳ بنگلاديش يا گڏيل عرب امارات خلاف گهٽ ۾ گهٽ هڪ وارم اپ ميچ کيڏندي، پر هاڻي اهو پلان ختم ڪيو ويو آهي.
اٺ ٽيمن تي ٻڌل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان جي ٽن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ٿينديون، جڏهن ته ڀارت جون ميچون دبئي ۾ شيڊيول آهن.
ڀارت پنهنجو پهريون ميچ 20 فيبروري تي بنگلاديش خلاف دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏندو، جڏهن ته 23 فيبروري تي روايتي حريف پاڪستان سان به ساڳئي گرائونڊ تي مقابلو ڪندو، ڀارتي ٽيم جي نيوزيلينڊ خلاف آخري گروپ ميچ 2 مارچ تي دبئي ۾ شيڊيول آهي.
ڀارت اڳ ۾ ئي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري چڪو آهي، پر جسپريت بمرا جي شرڪت تي اڃان به شڪ برقرار آهي، ڇو ته هو پٺي جي انجري مان صحتياب ٿي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، بمرا جي موجودگي بابت حتمي فيصلو 11 فيبروري تي ڪيو ويندو، جيڪا آءِ سي سي کي فائنل اسڪواڊ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ روهت شرما (ڪپتان)، شُڀمَن گِل (نائب ڪپتان)، ويرات ڪوهلي، شرِيئس اَئير، ڪي ايل راهول، هاردِڪ پانڊيا ۽ اڪشر پٽيل شامل آهن.
ان کانسواءِ واشنگٽن سُندر، ڪُلدِيپ يادَو، جسپريت بمرا، محمد شامي، ارشديپ سنگھه، يشسوي جئسوال، رشڀ پنت ۽ رويندرا جاڙيجا پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.
You might also like