پاڪستان ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ڇو ورتي؟ عثمان قادر خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ)اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عثمان قادر چيو آهي ته جيڪڏهن کيس به شاداب خان، محمد نواز ۽ اسامه مير جيان لڳاتار موقعا ملن ها ته هو ڪجهه بهتر ڪري سگھي ها.
ميلبورن ۾ مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر عثمان قادر چيو ته شروعاتي ٻن سيريزن ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ باوجود کيس ٽيم کان ٻاهر ڪيو ويو، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پسند ۽ ناپسند جو عمل دخل تمام گهڻو آهي.
هن ٻڌايو ته هاڻ هو آسٽريليا ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو ۽ اُتي ئي پنهنجو ڪرڪيٽ جو سفر جاري رکندو، سندس پهريون مقصد سٺو پرفارم ڪرڻ ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو مستقبل بابت ڳڻتي ڪرڻ بدران حال ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ٿي سگهي ته ايندڙ سال ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏڻ جو موقعو ملي.
ياد رهي ته عثمان قادر گذريل سال آڪٽوبر ۾مايوس ٿي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ پنهنجي روشن مستقبل لاءِ آسٽريليا منتقل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.