چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان کي صائم ايوب جي کوٽ محسوس ٿيندي: رڪي پونٽنگ

دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ۽ ڀارتي ڪامينٽيٽر روي شاستري چيمپيئنز ٽرافي جي ميزبان پاڪستان کي گهرو ڪنڊيشن جي خطرناڪ ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روي شاستري چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بابت آءِ سي سي ريويو ۾ خيالن جو اظهار ڪيو.
روي شاستري چيو ته جڏهن به ڪا ٽيم پنهنجي علائقي ۾ هوم گرائونڊ تي کيڏندي آهي ته ان تي دٻاءُ هوندو آهي، ڀلي اِها پاڪستان هجي، ڀارت، سري لنڪا يا بنگلاديش.
هن چيو ته پاڪستان گذريل ڇهن کان اٺ مهينن دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، خاص طور تي ڏکڻ آفريڪا ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي شاندار رهي.
هن چيو ته پاڪستان ٽيم صائم ايوب کي ٽاپ آرڊر ۾ مس ڪندي، جيڪو انتهائي اهم رانديگر آهي. گهرو ميدانن تي پاڪستان هڪ خطرناڪ ٽيم آهي.
روي شاستري وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سيمي فائنل لاءِ ضرور ڪواليفاءِ ڪرڻ کپي، ڇو ته جيڪڏهن ٽيم ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچندي ته ڪنهن به ٽيم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
رڪي پونٽنگ به روي شاستري جي ڳالهين سان متفق ٿيندي چيو ته صائم ايوب هڪ بهترين بيٽر آهي ۽ سندس کوٽ پوري ڪرڻ آسان نه هوندو.
هن چيو ته پاڪستان جي بالنگ تمام سٺي آهي، خاص طور تي شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه تازين سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ اهي ڪنهن به بيٽنگ لائن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿا.
پونٽنگ جو چوڻ هو ته ويجهڙائي ۾ بابر اعظم جي فارم ۾ لاها چاڙها آيا آهن، پر جيڪڏهن بابر ۽ رضوان گڏجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته پاڪستان هڪ خطرناڪ ٽيم بڻجي سگهي ٿي.
هن چيو ته هوم گرائونڊ تي کيڏڻ جو هر ٽيم فائدو ٿيندو آهي ڇو ته تماشائي رانديگرن کي وڌيڪ جذبو ڏيندا آهن ۽ پاڪستان وٽ اهڙا رانديگر آهن، جيڪي پنهنجي ڏينهن تي ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.