اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر هڪ سال گذرڻ باوجود قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص 226 سيٽن مان 77 سيٽون اڃا تائين خالي پيل آهن. پاڪستان ۾ چونڊن جي نگراني ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم فافن جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر رشيد چوڌري جو چوڻ آهي ته خالي ٿيل سيٽون آئيني طور تي اسيمبلي جي ڪارروائي تي اثرانداز نه ٿينديون آهن پر ان سبب 30 سيڪڙو عورتن ۽ اقليتن کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ناهي ڏني وئي. وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن تي ڀرتين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. سرڪاري رڪارڊ موجب قومي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي 19 ۽ 3 اقليتي سيٽون خالي آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبليءَ ۾ 21 عورتن ۽ 4 اقليتي سيٽن تي اڃا تائين چونڊ نه ٿي سگهي آهي. اهڙي طرح پنجاب اسيمبليءَ ۾ عورتن جون 24 ۽ 3 اقليتي سيٽون خالي آهن، سنڌ اسيمبليءَ ۾ 2 عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽ خالي آهي يا سني اتحاد جي سيٽن تي ايندڙ ميمبرن جي رڪنيت معطل آهي.