ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد پوليس جي مختلف آفيسرن طرفان مورال جو لفظ استعمال ڪيو ويو. يقين پُڇو ته جنهن وقت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پوليس آفيسرن پاران هڪ مهينو موڪلن جي درخواست وارا ليٽر اکين اڳيان گذريا ۽ انهن ۾ مورال جو اکر پڙهڻ لاءِ مليو ته منهنجون اکيون ڳاڙهيون رت ٿي ويون ۽ هڪ ئي جهٽڪي ۾ انهن آفيسرن جي سڄي عمر تي افسوس ٿيڻ لڳو. ڇو جو مان يڪدم سڄي سنڌ ۾ هلندڙ منشيات فروشي، سماجي براين واري ڪڌن ڪاروبارن، بدامني، ٿاڻن ۾ هلندڙ انڌير نگري، بيگناهن تي تشدد، پيسي عيوض قتل واري وارداتن، ڀتاخوري ۽ ٻين سڀني ناجائزين کي هڪ پاسي رکيو، وري اتي وڪيل برادري طرفان ايس ايس پي آفيس ۾ ڪيل احتجاج ۽ مبينا استعمال ڪيل گٿن لفظن جو اندازو لڳايو، ”ڇو جو ڪيترن ئي پوليس آفيسرن جي هڪٻئي سان توڙي ساٿي عورت اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن سان ڳالهايل ٻولي به ڪيترائي ڀيرا ٻڌل آهي“ ۽ ٻئي پاسي رکيو ”مورال“، هڻ ڀيڻا، پوليس کي مورال ياد آيو ته آيو ڪِٿي آهي!
فهرست ٺاهجي ته وڏي ٿي ويندي پر پوليس جي بلند مورال لاءِ ڪجهه ڳالهيون هڪ هڪ ڪري ٻڌائڻ ضروري آهن.
راڻيپور جي ٻارڙي فاطمه ڦرڙو ڪيس جي تازي پڄاڻي ٿي آهي، حويلي ۾ ڪٺل نياڻي جي ڪيس ۾ پوليس جهڙي ريت هاڪاري عمل ۾ منهن لڪائڻ ۽ ناڪاري ڪم ۾ نياڻي جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪردار ادا ڪيو ان جي ئي ڪري اڄ نياڻي جا وارث جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.
انکان اڳ ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل وارو واقعو ٿيو، ڪيس جو جوابدار وڏي محنت کانپوءِ گرفتار ٿيو، جوان جا پُٽ اهلڪار کيس وتن پيا هوٽل جا کاڌا کارائيندا ۽ سير سپاٽا ڪرائيندا پر وردي تي ڪو داغ نه لڳو.
ناظم جوکيي واري واقعي ۾ پوليس جيڪا وٺ وٺان ڪئي ۽ جوابدارن بدران مقتول جي گهرڀاتين لاءِ رڻ ٻاريو تڏهن به پوليس آفيسرن جي وردي صاف سٿري رهي.ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڌرڻا لڳا، واقعو قومي اشو بڻجي ويو، پر پوليس جو بنجهر نه ڀريو، مجال هي جو پوليس جي مورال تي ڪو اثر يا فرق پئي.ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ٿيو، اهلڪار ٻٽون ٻڌي ماڻهن کي ڇريون هڻندا رهيا، اڳ ۾ئي مظلوميت جو شڪار ماڻهو رتورت ٿي ويا پر، پوليس آفيسرن جي منهن ۾ گهنج نه پيا.
نصرالله گڏاڻي جي قتل جو واقعو هاءِ پروفائيل ڪيس بڻيو، سنڌ سرڪار فوري طور تي سڌي مداخلت ڪئي پر مجال آ جو ايف آءِ آر داخل ٿئي، وري جيڪا هڻي هڻي محنتن سان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ان جو هن مهل تائين اسي سيڪڙو ڪم لهي چُڪو آ! پر پوليس جي مورال تي ڪو فرق نه پيو. اجهو ٿا شهيد نصرالله گڏاڻي جا وارث به نظام جوکيي ۽ فاطمه ڦرڙو جي وارثن جيان جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪن.
تازو سانگهڙ ۾ زميني تڪرار ڄاڻائي قتل ڪيل ٽن ڄڻن ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ويهه کان مٿي زخمين واري واقعي جي به سڀني کي خبر هوندي، رڳو ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ مقتولن جا وارث پٽيندا رهيا پر مجال آ جو ڪنهن فرشته صفت پوليس آفيس جي مورال تي فرق پيو هجي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين جيڪي به زوري ۽ وڏا وس ڪري ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون آهن انهن مان ڪنهن هڪ جي به جوابدار کي ڪا عوامي مطالبن يا قانوني اصولن موجب سزا ناهي آئي، تنهن باوجود به هفتو هفتو لاش روڊ تي رکيل هجن ۽ ڪيس داخل نه ٿئي! پر ان غير انساني عمل تي ڪنهن آفيسر جي ضمير کي چهنڊي نه پئي!
پوليس ڊپارٽمينٽ جو حال اهڙو آ جو کاتي جا پنهنجا آفيسر ئي مرڻ کان اڳ گهرواري کي وصيعت ڪري وڃن ٿا ته منهنجي مرڻ کانپوءِ پِني کائجانءِ پر منهنجي پينشن جا پيسا وٺڻ لاءِ نه وڃجانءِ، ڇو جو اتي انسان نه حيوان رهن ٿا، ان ٻڏي مرڻ واري مقام تي به پوليس جو مورال ڊائون نٿو ٿئي.
وري ان مورال ڊائون واري ڳالهه اسان جي صوبائي وڏڙن جي ذهن ۾ به وڃي ويٺي، اختيارين سوچو ته فرمانبدردار آفيسرن جي عزت جو مسئلو آهي، اتي اسان ڪيئن پوئتي هٽنداسين، جيڪڏهن وڪيل برادري جي انا جو مسئلو آهي ته اسان به گهٽ ناهيون.
نتيجو اهو نڪتو جو جيڪي سڄي زندگي قوم کي بيوقوف بڻائيندا آيا آهن اهي احتجاج ڪندڙ وڪيل برادري سان به ٻه هٿ ڪري ويا. ايس ايس پي صاحب پندرهن ڏينهن جي موڪل تي ويو، لٿو لڙ روڊن تان، ويا مطالبا قانوندانن جا، ٿيو پوليس جو مورال بلند.
هتي اها ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي پوليس آفيسرن کي فرانسيسي ٻولي جي لفظ ”morale“ مان ورتل لفظ مورال جي خبر آهي ۽ انهن کي پنهنجي حوصلي، مضبوط جذبي ۽ نفسياتي حالت ۽ همت جو خيال آهي. پر آفيسرن کي شايد صحيح معنيٰ ۾ خبر ناهي ته مورال ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪيئن ڊائون ٿيندو آهي، يا شايد خبر هوندي به ڄاڻي واڻي عوام سان اک ٻوٽ ڪري رهيا آهن.
اهو مقصد ناهي ته پوليس آفيسرن سان غلط ٻولي وارو رويو اختيار ڪيو وڃِي پر آفيسر، ٻين جي روين سان گڏ پنهنجي رويي، ٻولي، فرضي ڪم ڪار ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي نظر ۾ رکي انهن کي پورو ڪن، ڇو جو سماج ۾ ناڪاري عنصرن، بدامني، منشيات فروشي، ڌاڙيل راڄ ۽ ٻين براين جي موجودگي به پوليس جي مورال تي سواليا نشان آهي. انڪري جيئن حيدرآباد جي آفيسرن وڪيل برادري جي احتجاج تي ”ڊائون ٿيندڙ مورال“ کي بچائيندي ردعمل ڏيکاريو تيئن سڄي سنڌ جا آفيسر عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائي پنهنجو مورال وڌائين ته خوشي ٿيندي!