وڪيل، پوليس تڪرار: سنڌ ۾ خراب حڪمراني خلاف تحريڪ جي شروعات

تحرير: مجيب الرحمان مشوري

جنگ رڳو هار يا جيت جي ناهي هوندي پر جنگ اصول جي به ٿيندي آهي ۽ اصول جي جنگ جا فيصلا هڪ ئي وقت يا هڪ ئي تحريڪ يا هڪ ئي ڌرڻي، مارچ يا احتجاج ۾ ناهن ٿي سگهندا.تاريخ گواهه آهي ته وڪيلن هر دور ۾ انگريزن توڙي آمرن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سوڀارا ٿيا.

حيدرآباد  ۾ پيدا ٿيل وڪيل ۽ پوليس جو تڪرار ڪو اهڙو تڪرار به نه هو، جنهن کي پنهنجي پنهنجي فورمن تي چئلينج نه پئي ڪري سگهيو. پر اهو تڪرار حڪمرانن پاران کنيل انهن غيرقانوني قدمن خلاف به هڪ چڻنگ هو..حيدرآباد ۾ وڪيلن جو جهيڙو ڪنهن هڪ پوليس آفيسر سان نه هو، پر  اهو هڪ اهڙي سسٽم جي خلاف هو، جيڪو ڏينهون ڏينهن مضبوط ۽ عوام دشمن ٿيندو پئي ويو.

حيدرآباد ۾ وڪيلن جو احتجاج انهن غريب ۽ عوام دشمن طاقتن جي خلاف هو، جيڪي پنهنجي ڪوڙي اناءَ  ۽ اقتدار خاطر ڌرتي ۽ درياهه جو سودو ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا، حيدرآباد ۾ وڪيلن جو اهو ميڙ پنهنجي ئي صفن ۾ انهن دلالن کي به وائکو  ڪري ڇڏيو. جيڪي ڪوٽ ته ڪارو پائين ٿا پر وڪالت انهن جي ڪن ٿا، جيڪي  ڪرمنل سرگرميون رکندڙ، قوم ۽ ڌرتي سان دشمن آهن.

وڪيل برادري ڪا مڪمل، منظم يا نظرياتي ۽ سياسي تنظيم ناهي پر وڪيل برادري جڏهن منظم ٿي سماج مٿان هلان ڪڻندڙن خلاف بيهي رهي ته ان جون پاڙون پٽي ڇڏيندا آهن، جنهن جو ويجهو ماضي گواهه آهي، ته ڪيئن وڪيلن جي ملڪ گير تحريڪ  هڪ ڊڪٽيٽر کي گوڏا کوڙڻ جي مجبور ڪيو. حيدرآباد جي مين نيشنل هاءِ وي تي 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ منظم طريقي سان ويهي حڪمران طبقي کي اکيون ڏيکارڻ وارو عمل ڪا معمولي ڳالهه ناهي، دراصل  سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، پوليس گردي، خراب حڪمراني ۽ چونڊيل نمائندن جي عوام جي آمراڻي روين خلاف جدوجهد جي شروعات آهي، جيڪا مستقبل مون کي وڌندي نظر اچي آهي. يقينن عام ماڻهو جي نظر ۾ ان لڳل ڌرڻي جي نتيجي بابت ڪيئي سوال ضرور آهن پر شايد ان نازڪ صورتحال کي اهو سياسي ڪارڪن چڱي ريت سمجهي سگهي ٿو، ته حڪومتي هٿڪنڊا ڪيترا ته مضبوط هوندا آهن جيڪي تحريڪن جي اندرگهڙي تحريڪن کي هاءِ جيڪ ڪري ڇڏيندا آهن. بهرحال هي سال وڪيل برادري ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن جو سال آهي جنهن جو مدو پنجن سالن جو هوندو آهي. سنڌ جا نوجوان ۽ باشعور وڪيل هن سال پنهنجي صفن مان انهن ڪارين رڍن کي ائين تڙي ڪڍندا جئين هن صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ هڪ آمر کي گهر ڀيڙو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.