ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري رمضان المبارڪ ۾ ڪڻن ذريعي پلاٽ، موبائل فونز ۽ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هزارين شاگردن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائي رهيا آهيون، اسان جيڪو به ڪندا آهيون، ميڊيا ذريعي عوام کي آگاهي ڏيندا آهيون.
هن چيو ته رمضان مهينو اچڻ وارو آهي، هن ڀيري اهو مهينو اتحاد رمضان جي نالي سان ملهايو ويندو، روزا به کولرائينداسين، جڏهن ته ڪڻن ذريعي 50 پلاٽ، 100 موبائل فونز ۽ موٽر سائيڪلون ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان جو مقصد اتحاد ۽ محبت جو پيغام ڏيڻ آهي.
Prev Post
You might also like