ڪوٽڙي (عوامي آواز نيوز) ڪوٽڙي ۾ ٻه وحشي جوابدار ستين درجي جي معصوم نينگر سان اجتعماعي بدفعلي ڪري کيس بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.
ڪوٽڙي سائيٽ ۾ صحافي جبار ڪابوري جي ستين ڪلاس جي معصوم پٽ زين سان 2 وحشي صفت جوابدار اعجاز ٻڙرو ۽الهه رکيو چانڊيو اجتماعي بدفعلي بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهٽي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.
اڌ رات جو نينگر جي ڳولا ۾ نڪتل پيءُ ۽ ٻين وارثن کي بي حال حالت ۾ مليو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهر آڻڻ بعد تعلقه اسپتال آڻي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو
معاملي جي ڄاڻ پوڻ تي وڏي انگ صحافي اسپتال پهچي ويا، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر ڇانگا سان رابطو ڪري معاملي جي ڄاڻ ڏني، ايس ايس پي ڄامشورو صحافين کي خاطري ڪرائي ته جوابدار سزا کان بچي نه سگهندا
صحافي جبار ڪابورو نينگر جي ٻڌايل حقيقت بابت پي ايس ڪوٽڙي تي گناهه نمبر 47/2005 انڊر سيڪشن 377 ۽ 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
صحافي ٻڌايو ته جوابدار اعجاز ٻرڙو، الهه رکيو چانڊيو ۽ صالم جانوري سندس ئي پاڙي جا رهواسي آهن، انهن معصوم زين علي کي رات جو 9 وڳي اهو چئي وٺي ويا ته تنهنجي والد جي امانت آهي اهو توکي ڏيون.
هن چيو ته نينگر کي هڪ جڳهه تي بند ڪري هيسائي ۽ تشدد ڪرڻ بعد ٻن جوابدارن اعجاز ٻرڙو ۽ الهه رکيو چانڊيو نينگر سان بدفعلي ڪئي، صالم چانڊيو مٿس تشدد ڪندو رهيو ۽ ڪنهن کي نه ٻڌائڻ لاءِ ڌمڪائيندو رهيو.
واقعي کانپوءِ صحافين هنگامي گڏجاڻي ڪري صحافي جبار ڪابوري جي پٽ سان ٿيل بدفعلي واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ۽ اعلي پوليس اختيارين کان جوابدارن جي گرفتاري ۽ صحافي جي ڪٽنب کي تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي.
پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ظفر ڇانگا واقعي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او مظهر نائچ جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي ڇڏي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا.