ماءُ جي کير جو ٻار لاءِ نئون وڏو فائدو سامهون اچي ويو

آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته ماءُ جو کير جتي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائڻ ۾ مددگار آهي، اتي ئي اهو اکين جي بيمارين کان به بچائي ٿو.
طبي رسالي ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب ماهرن ماءُ جي کير جي اکين تي اثر، خاص طور تي ڪورنيا ۾ ٿيندڙ زخمن يا ٻين مسئلن تي ان جا اثر ڄاڻڻ لاءِ تحقيق ڪئي.
ماهرن انساني کير جو استعمال ڪوئن تي ڪري ڏٺو ۽ نتيجا ڏٺا ته ان سان اڱين تي ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن.
ماهرن دريافت ڪيو ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انساني کير سان ڪوئن جي اکين جي ڪورنيا ۾ موجود زخم نه رڳو درست ٿي ويا پر انهن ۾ توانائي به آئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ماءُ جو کير ٻارن کي جتي ٻين بيمارين سان وڙهڻ جي طاقت فراهم ڪندو آهي، اتي ئي اکين جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ پڻ فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.