اسلام آباد(طلعت حسين) شهبازسرڪار پهريون سال حڪومت جو مڪمل ڪري ورتو آهي.حڪومت پاڻ کي سگهارو رکيو ۽ ترميمون ڪيون ۽ پيڪا آرڊيننس ۾ به ترميم ڪري وئي.26هين آئيني ترميم وڏي ڪاميابي آهي.جڊيشري مان جيڪو سڌو اڊيالا جيل واري کي رليف ملندو هئو اهو بند ٿي ويو، ۽ معيشت ڪجه بهتر آهي.هن وقت وڏو مسئلو اهوآهي ته اسٽبلشمنٽ عمران خان بابت ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري.علي امين مطابق ته 99 سيڪڙو اسٽبلشمنت سان معاملا طئي ٿي ويا هئا اگر ان ڳاله ۾ 15 سيڪڙو سچ به آهي ته به حڪومت لاءِ ڳڻتي جي ڳاله آهي.هن حڪومت کي اسٽبلشمنت سان بيهڻ جي ڪري نقصان رسيو آهي.سو عمران جي اسپيس هن سال وڌندي ته هنن جي گهٽ ٿيندي.اگر استبلشمنٽ عمران خان کي سياسي طور ڊفيوز ڪري ٿي ته به نقصان ن ليگ کي ٿيندو.اگر هن سال چونڊون نه ٿيون ته پوءِ پي ٽي آئي ، پي پي ۽ مولانا فضل الرحمان جي جوڙي جڙندي نظر اچڻ عجب نه هوندو. ڇو ته حڪومت جي مدت پوري ٿيڻ ضروري ناهي پر اسيمبلين جي مدت پوري ٿيڻ ضروري آهي.ن ليگ جي سرڪار لاءِ دهشتگردي سميت وڏا وڏا چيلينج آهن.