ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌو درياءُ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مڪلي کان ٺٽي تائين 5 ڪلوميٽر تائين زبردست پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي پورھيت تحريڪ، پورھيت مزاحمت تحريڪ، جماعت اسلامي سميت ٻين تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پيادل مارچ قومي شاھراھ کان گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتو. ان موقعي تي ميڙ کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌو درياءُ ھزارين سالن کان سنڌين جي ملڪيت آھي، سنڌو درياءُ تي حملو ڪندڙن سان پيپلز پارٽي گڏ آھي، سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي، سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو، پيپلز پارٽي چاھي ٿي ته سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن، سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجھدن ڪيون آهن، ڌاڙيل نوان ڪئنال ھرگز سنڌ کي قبول ناھن، سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ ھڪ آواز آھن. سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وارا سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري سنڌي ماڻھن کي مارڻ چاھين ٿا، سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال سنڌي نياڻين جي لاشن تي ٺھندا، ست ڪروڙ سنڌي پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ وڙھندا، مارچ جي پانڌيئڙن کي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ غلام سرور پليجو، جماعت اسلامي جي عبدالمجيد سمون، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ھٿ وٺي سنڌي ماڻهن کي تباھه ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.