جنھن جي هٿ ۾ مترڪو ھجي، ان کي هر مسئلو ڪِلي نظر اچي ٿو. ڪاسائي هر جانور کي وزن، ران، چيل، ڳچي، گردن ۽ جيري جي شڪل ۾ ڏسندو آهي، ڪاسائي جي وات مان ڪنهن ڪنھن ٻڌو ته ڪيڏو نھ سھڻو جانور آهي، مان ان کي پالڻ چاهيان ٿو، ان جو خيال رکڻ چاهيان ٿو.ڪنهن به بلڊر کي سرسبز واديءَ ۾ سير لاءِ وٺي وڃو، ھن جي ذهن ۾ پهريون سوال اهو اڀرندو ته ان جو مالڪ ڪير آهي؟ ڇا ان کي خريد ڪرڻ يا قبضو ڪرڻ ممڪن آهي؟ هتي ڪيترا ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽ ڪٽي سگهجن ٿا؟ هو شايد ئي، ھن وسندي ۾ ُڦٽندڙ گلن، ٻوٽن، وڻن، پکين ۽ ڊوڙندڙ راند ڪندڙ ٻارن تي ڌيان ڏيندي سوچيندو ته هي وادي تھ ايئن ئي رهڻ گهرجي ته جيئن انسان ڪجهه وقت لاءِ تھ فطرت سان گڏ رهي.
جيڪي ماڻهو غزا جي انسانن جي ملبي سميت صاف ڪرڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي اچرج ۾ يا چڙ ۾ ٻھ ٻھ فوٽ اُڀا ٿي رھيا آھن.ڇا انهن ڪڏهن 1970 يا 1980 جي ڏهاڪي جي ڪا هندي فلم نه ڏٺي آھي؟ فلم ۾ بلڊر يا لينڊ ڊولپر (ولن) ڪنھن جھوپڙ پٽي کي خالي ڪرائي اتي ڪمرشل پلازا يا اپارٽمينٽ بلڊنگ کڙِي ڪرڻ چاھندو آهي.جھوپڙ پٽي جي ڪجهھ بااثر ماڻھن کي بلڊرخريد ڪري وٺندو آھي، جيڪي وڌيڪ نچي رھيا ھوندا آھن.انھن کي ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪلي ڇڏيندو آھي ۽ جيڪي ڪنھن قيمت تي بھ نه ٿا مڃين.انھن کي ڪنھن ڀاڙي جي قاتل کان مارائي ڇڏيندو آھي يا وري جھوپڙپٽي کي اوچتو آڌي رات جو باهه لڳي ويندي آھي ۽ رهواسي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪرندا آھن. واپس ايندا آھن تھ اتي ھٿياربندي جٿا ويٺا ھوندا آھن، اھي بي سھارا ماڻهو، صبر ڪري ڪنھن ٻي خالي زمين ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن يا وري ڪورٽ ڪچھري مان انصاف جي طلب ۾ وڪيلن جي ھٿان لٽجندا رھندا ھئا. جيڪڏهن اهي خوش قسمت آهن، ته انهن مان ئي ڇهه فوٽ ڊگهو ”اينگري ينگ مين “ اميتاڀ بچن ظاهر ٿيندو آھي ۽ بازي پلٽجڻ لڳندي آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ کي ستر جي ڏھاڪي ۾ ان جي ڪروڙ پتي بلڊر پيءُ، فريڊ زمين جي ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ لڳ ڀڳ هڪ ملين (ڏھ لک ) ڊالر ڏنا هئا. ان شروعاتي پئسن مان هن نيويارڪ ۾ موقعي جون ڪيتريون ئي جايون لوڪل گورنمينٽ جي مدد سان خريد ڪيون ۽ انهن کي اسڪائي اسڪريپرز ۾ تبديل ڪيو.سڀ کان وڌيڪ روشن مثال 1980 جي ڏهاڪي ۾ نيويارڪ جي مهانگي سڙڪ ” ففٿ ايونيو“ تي ٺهيل 58 ماڙ ٽرمپ ٽاور آهي. ان ۾ هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت اندازاً اڍائي کان ٽي ملين ڊالر جي وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي.
هاڻي، ٿورو رومي سمنڊ جي نيري ساحل تي غزا جي 41 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ڇهه کان ٻارھن ڪلوميٽر ويڪري پٽي کي ”ڊونلڊ ٽرمپ دي بلڊر اينڊ ڊولپر“ جي نظر سان ڏسو. جيڪڏهن هتي ڦاٿل لڳ ڀڳ 23 لک ماڻهن کي ڪنهن به ڌمڪي ڌاهمان يا مارڪٽ سميت ڪنھن بھ طريقي سان نيڪالي ڏني وڃي، تھ سوچيو، دنيا جو سڀ کان وڏو بحريا ٽائون وجود ۾ اچي سگهي ٿو. ان شاندار اسڪيم ۾ پيس لڳائيندڙ اڄ جا ڪروڙ پتي سڀاڻي ارب پتي بڻجي سگهن ٿا. هتي هڪ ٻي سليڪون ويلي بڻجي سگھي ٿي. ايلون مسڪ جا راڪيٽ هتي جي ساحل کان خلا ۾ موڪلي سگهجن ٿا. هتي جي سمنڊ مان تيل ۽ گئس ڇڪي سگهجن ٿيون. سفيد واريءَ تي مُنهن ڀر ليٽل سياح، فائيو اسٽار هوٽلن جون قطارون، نيري پاڻي جا ڪنارا، چمڪندڙ ولاز، ۽ لگذري ياٽس لاِءِ خوبصورت جيٽيون… يعني ڇا نٿو ٿي سگهي؟
ڪنهن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ صحافي ٽوني شوارٽز جو گڏيل ڪتاب ”دي آرٽ آف دي ڊيل“ پڙهيو آهي؟ پڙھو تھ پتو پئي تھ من پسند سودي جيتڻ جي لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون چالون گھربل ھونديون آھن. پڙھو تھ جئين سمجھه ۾ اچي تھ ٽرمپ صاحب ڊينمارڪ مان مسلسل ڇو پڇي رهيو آهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ گرين لينڊ ڪيتري قيمت ۾ وڪڻدي؟ اڙي او! پاناما، تون پنهنجي زمين ڪيتري ۾ مونکي واپس ڪندين يا واري فلاڻن کي موڪليان توکي سڌو ڪرڻ لاءِ ؟
”دي آرٽ آف دي ڊيل“ جو جيڪڏھن هڪ سٽ ۾ اختصار بيان ڪريان تھ اهو آھي ”سامھون واري کي موت ڏيکاري بخار کي ڪيئن قبول ڪرائي سگھجي ٿو.“ ان پس منظر ۾ توهان کي گڏيل ديوار لڳل پاڙيسري ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي “سمسيا“ شايد سمجهه ۾ اچي وڃي.ٽرمپ پهريون آمريڪي صدر ناهي جنھن کي هر اهم يا ُپرڪشش جڳهه ”موقعي جو پلاٽ“ نظر اچي ٿو. 1803ع ۾، صدر ٿامس جيفرسن فرانس کان لوزيانا جو ٻه ملين چورس ڪلوميٽر علائقو ڏيڍ ڪروڙ ڊالر ۾ ھٿ ڪري ورتو ھو. اهڙيءَ طرح آمريڪا جو علائقو هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻيڻو ٿي ويو. لوزيانا مان اٺ نيون رياستون ٺاهيون ويون.
سن 1819ع ۾، آمريڪا اسپين کان فلوريڊا پنجاھ لک ڊالرن ۾ خريد ڪيو. سن 1867ع ۾ 15 لک ڇورس ڪلوميٽر تي ٻڌل الاسڪا آمريڪا زار روس کان 72 لک ڊالر ۾ ورتو. سن 1853ع ۾ پنهنجي ڏاکڻي سرحد کي وڌائڻ لاءِ آمريڪا ميڪسيڪو کان ڏهه ملين ڊالرن عيوض ھڪ لک ويھه ھزار چورس ميل علائقو ڦٻايو. ان مان نيو ميڪسيڪو ۽ ايريزونا جون رياستون وجود ۾ آيون.سن 1893 ۾ پيسيفڪ اوشين ، بحر الڪاھل جي ٻيٽ هوائي جي راڻي کي آڇ ڪئي ته پنهنجي سلطنت ڪيتري قيمت ۾ وڪڻندين ؟ راڻي حقارت سان آڇ رد ڪري ڇڏي. آمريڪا پنجن سالن پوءِ زبردستي ان تي قبضو ڪري ورتو. راڻيءَ جو ڇا ٿيو؟ خدا کي خبر.
سن 1898ع ۾ آمريڪا اسپين کان سندس بيٺڪيت فلپينز ٻھ ڪروڙ ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتي.جڏهن مقامي ماڻهن کي احساس ٿيو ته انهن کي آزاد ڪرڻ بدران، هڪ خرڪار ٻئي کي وڪڻي ڇڏيو آهي، تھ مزاحمت شروع ٿي وئي. 1934ع ۾ واشنگٽن واعدو ڪيو ته اسان توهان کي ڪجهه سالن اندر خودمختياري ڏئي ڇڏينداسين. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ 1946 ۾ فلپائن آزاد ٿي ويو (هي پهريون ۽ شايد آخري ڀيرو هو جو آمريڪا پنهنجي خريد ڪيل علائقي کي ڇڏي ڏنو ھو).
1917ع ۾ آمريڪا پهرين عالمي جنگ جي آخري ڏينهن دوران آمريڪا ڪيريبين سمنڊ ۾ ڊنمارڪ جي قبضي هيٺ ٻيٽ ورجن آءِ لينڊ 25 ملين ڊالر ۾ خريد ڪيو. (انھيءَ ڪري ٽرمپ کي حيرت آهي ته ھاڻي ڊينمارڪ گرين لينڊ گھرڻ تي ڇو ايتري وڏائي ڏيکاري رهيو آهي) غزا جي ريئل اسٽيٽ ڊولپمينٽ ٽرمپ جو اصل آئيڊيال نه آهي، بلڪھ سندس ناٺي جاريڊ ڪشنر گذريل سال چيو هو ته ٿورو سوچيو غزا جي پٽي ۾ ترقي جا ڪيترا زبردست امڪان آھن.وچ اوڀر بابت ٽرمپ جي ايلچي اسٽيو وٽڪوف پڻ ريئل اسٽيٽ جو ڪاروباري آھي. تھ پوءِ ڇا اهو ممڪن آهي ته غزا خالي ٿي وڃي ۽ دنيا جي مهانگي ترين پراپرٽيز ۾ شامل ڪيو وڃي ؟ يا ان کي ديواني جو خواب سمجهيو وڃي؟
جڏهن نومبر 1917ع ۾ برطانوي پرڏيهي وزير سر آرٿر بالفور صھيوني اڳواڻ سر والٽر روٿ چائلڊز کي سرڪار انگلشيھ پاران لکت ۾ يقين ڏياريو ته برطانيه فلسطين ۾ يهودي جي قومي وطن جي قيام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، تڏھن بھ اڄ وانگر ڪيترائي عقليت پسند پنهنجا نَنھن ڏندن سان ُڪتري رھيا هئا، انھن کي سمجهھ ۾ نھ اچي رھيو ھو تھ ھڪ علائقو جيڪو اڃان تائين سلطنت عثمانيھ جو صوبو آھي ان کي ڪئين هڪ غير قابض طاقت (برطانيا) هڪ اقليتي گروهه کي دان ڪرڻ جو واعدو ڪري سگهي ٿي.ڀلا 90 سيڪڙو مقامي عرب ڪيئن ڏهه سيڪڙو کان بھ گهٽ يهودي آبادڪارن کي الڳ رياست ٺاهڻ ڏيندا ؟ پر سڀني ڏٺو ته سڄي ھاءِ گھوڙا ،واويلا جي باوجود، گڏيل قومن جي ڇانَو ھيٺ نومبر 1947 ۾ فلسطين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو.
53 سيڪڙو علائقو 32 سيڪڙو آبادي کي ۽ 47 سيڪڙو علائقو 67 سيڪڙو عربن کي الاٽ ٿيو. زمين خالي ڪرائي وئي۽ ماتمين جي سامھون خالي ڪرائي وئي.تڏھن ڪھڙي قيامت اچي وئي جيڪا ھاڻي اچي ويندي. اقوام متحده،عالمي عدالت انصاف، عرب ليگ، اسلامي ڪانفرنس، انساني حقن جا ادارا ۽ پاڙيسري ڪالھه بھ گوڙ ڪري رھيا ھئا .اڄ به ڪري رهيا آهن.سي ڪندا رھندا. ڪڪڙن جي ڪڙڪاٽ چاقو کي مڏو ڪري ڇڏيندي آھي ڇا؟گھڻي ٿي وئي سالميت ۽ خودمختياري، پرامن گڏيل بقا، عالمي ڪنوينشنز ۽ بين الاقوامي قانون جي. ٽين ٽين، جنھن جي لٺ جي فطري اصول تي قائم ٿيندڙ نيو ورلڊ آرڊرکي منھن ڏيو،ڳالھھ سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ٽرڪ جي پٺيان لکيل پڙھي وٺو ”پاس ڪر نھ تھ برداشت ڪر“