ٽه ملڪي سيريز: پاڪستان سڀاڻي نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن تي ٻڌل ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم۾ منجهند ٻه وڳي شروع ٿيندي.
ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان چيو ته گهڻو وقت ٿي ويو آهي جو لاهور ۾ ناهيون کيڏيا، چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ٽه ملڪي سيريز ۾ هتي کيڏڻ جو فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.