ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي وائيٽ بال سيريز جو شيڊيول جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز جي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز 2025 سيزن لاءِ مردن ۽ عورتن جي ٽيمن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل شيڊيول موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ وائيٽ بال سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
شيڊيول موجب، ٽيئي ٽي ٽوئنٽي ميچون آمريڪا ۾ رٿيل آهن، جيڪي 31 جولاءِ، 2 آگسٽ ۽ 3 آگسٽ تي کيڏيون وينديون.
ان کانسواءِ، ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 8 آگسٽ تي، ٻي 10 آگسٽ تي، جڏهن ته سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 12 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.