واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ غزا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيندو، جنهن جو مطلب آهي ته اتي ڪنهن به آمريڪي فوجي جي ضرورت نه پوندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ دوران خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ سال آمريڪا جي قيام جا اڍائي سئو سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ اسان کي دنيا آڏو وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بيهڻو آهي.
هن چيو اسان پنهنجي هيروز کي عزت ڏينداسين ۽ ان لاءِ نيشنل گارڊن آف آمريڪن هيروز ٺاهڻ جو ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اظهار جي آزادي جو هر حالت ۾ تحفظ ڪرڻ ضروري آهي، آمريڪا هميشه هڪ مضبوط قوم بڻجي رهندو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ريگن ايئرپورٽ تي ڪجهه ڏينهن اڳ افسوسناڪ حادثو پيش آيو. ان حادثي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون جيڪي نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ ان لاءِ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول لاءِ نئون ڪمپيوٽرائزڊ نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ اهو پڻ چيو ته ڪورونا وبا سبب ڪيترين ئي تقريبن کي منسوخ ڪيو ويو، ماڻهو چرچ نه وڃي سگهيا ۽ انٽرنيٽ جو رخ ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊونلڊ ٽرمپ غزا تي آمريڪا جي انتظامي ڪنٽرول ۽ فلسطينين کي ٻئي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ بابت پنهنجي پوسٽ ۾ وضاحت ڪئي.
هن چيو ته اسرائيل جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ غزا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ ان دوران غزا ۾ رهندڙ فلسطينين کي خوبصورت ۽ جديد گهرن ۾ منتقل ڪيو ويندو جتي اهي محفوظ رهندا، جنهن جو مطلب آهي ته ان عمل دوران ڪنهن آمريڪي فوجي جي ضرورت نه پوندي.
You might also like