تل ابيب (ويب ڊيسڪ) آمريڪا کانپوءِ اسرائيل به گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊيئن سار چيو ته آمريڪا جيان اسرائيل پڻ انساني حقن واري ڪائونسل تان دستبردار ٿي رهيو آهي.
اسرائيلي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته انساني حقن واري ڪائونسل جي اسرائيل لاءِ تعصباڻي رويي سبب اسرائيل ڪائونسل مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي اسرائيل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير سماجي رابطن ويب سائيٽ ايڪس تي انساني حقن واري ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط پڻ شيئر ڪيو.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کان نڪرڻ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون هيون.
You might also like